شهدادڪوٽ

ڪوڙا ڪيس جھڪائي نه ٿا سگھن، ن ليگ اڳواڻ

ضمير کرل
shahdadkot nawaz leag karkun zillae sadar te case khilaf ahtjaj kande12.6.2012شهدادڪوٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران ضلعي صدر علي رضا چولياڻي مٿان ڪيس داخل ڪرڻ تي واره پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڪارڪنن مير عبدالحڪيم مغيري ، شعبان جمالي ، آزاد تخت راء ، امداد مگسي ،۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ (ن)ليگ ڪارڪنن تعلقه آفيس کان احتجاجي جلوس ڪڍي ڪوٽوموٽو چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو . ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته واره پوليس (ن)ليگ جي ضلعي صدر علي رضا چولياڻي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي ،جيڪا وڏي زيادتي آهي ، هنن چيو ته کين ڪوڙا ڪيس جھڪائي نه ٿا سگھن هو نوازليگ جي پيلٽ فارم تان غريب عوام لاء جدوجھد جاري رکندا ، هنن گھر ڪئي ته مٿس داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري ڪارڪنن ۾ پيدا ٿيل بي چيني کي ختم ڪيو وڃي ، ٻي صورت ۾ هُنن سخت احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button