مختصر خبرون
ڪراچي مان اغوا ٿيل ناري جي اغوا جو 5 ڄڻن تي ڪيس داخل
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) 5 ڏينهن اڳ ڪراچي مان اغوا ڪيل ڪنگري واسڻ ناري جي اغوا جو 5 ڄڻن تي ڪيس داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي، مڙس پاران پٽينش پڻ داخل ڪرائي وئي، رپورٽ موجب، ڪنگري واسي پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري حسنه کورکاڻي کي ڪراچي مان نامعلوم جوابدارن پاران 5 ڏينهن اڳ اغوا ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس سندس مڙس محمد يوسف ڪنڌر جي فرياد تي ڪراچي جي زمان ڪالوني ٿاڻي تي جوابدارن حاجي عبدالرحمان کورکاڻي، حفيظ الرحمان، منير احمد، وڪيل، نظير کورکاڻي سميت 5 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي هوڏانهن ته اغوا ٿيل حسنه کورکاڻي جي مڙس محمد يوسف ڪنڌر پنهنجي وڪيل گل ضمير جي معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڄاڻايل جوابدارن پاران سندس زال کي اغوا ڪرڻ جي پٽيشن پڻ داخل ڪرائي ورتي آهي.