ڪامريڊ غلام رسول سهتي جي حياتي بچائي سنڌي قوم کي قومي نقصان کان بچايو وڃي، ھاري اڳواڻ
ضمير کرل، شهدادڪوٽ
شهدادڪوٽ ۾ خيرپور ميرس جي پُڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچائي،شاخن جي کاٽي ڪرائي ٽيوب ويل هلرائڻ لاءِ هاري اڳواڻ غلام رسول سهتي جي مرڻ گهڙيءَ تائين هلندڙ بک هڙتال جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي،پورهيت جدوجهد ڪائونسل ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي پاران ڏنل احتجاج واري سڏ تي شهر جي سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن قادر بخش سيلري، طارق کهاوڙ، سڪندر سيلري، ستار مڱڻهار ،بخت بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي،ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت خيرپور جي لکين هارين جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جنهن ڪري اتان جا هاري ۽ آبادگار سخت پريشان آهن ،هنن گهر ڪئي ته لکين آبادگارن جي جائز مسئلن کي پورو ڪري سندن مسئلن جي حل لاءِ مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال تي ويٺل هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتي جي حياتي بچائي سنڌي قوم کي قومي نقصان کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ هنن سخت احتجاج جو چتاءَ ڏنو آهي.