ڊپٽي ڪمشنرخيرپور گُذارا الائونس تحت ضلعي مستحق عورتن کي بينظير معاونت ڪارڊ تقسيم ڪرڻ جو افتتاح ڪيو
خيرپور:ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ضلعي زڪوات ۽ عُشر ڪاميٽي خيرپور پاران نادرا آفيس خيرپور ۾ شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي 59 سالگرهه جي موقعي تي گُذارا الائونس تحت ضلعي مستحق عورتن کي بينظير معاونت ڪارڊ تقسيم ڪرڻ جو افتتاح ڪيو ويو. ان موقعي تي زڪوات ۽ عُشر ڪاميٽي خيرپور جو چيئرمين فقير شير علي ڏيٿو، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڪئپٽن ڊاڪٽر احسان الله سيال، ضلعي زڪوات آفيسر فرمان علي ٽانوري ساڻس گڏ هئا. ان سلسلي ۾ ضلعي زڪوات آفيسر فرمان علي ٽانوري ٻُڌايو ته ضلعي اندر ٽوٽل 4265 مستحق عورتن کي گُذار الائونس تحت بينظير معاونت ڪارڊ تحت پهري قسط ۾ هر هڪ کي 3 هزار جڏهن ٻي قسط ۾ هڪ هزار کان 500 تائين ماهوار ڏنا ويندا. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته نادرا رڪارڊ جي ويريفڪيشن بعد مستحق عورتن کي چونڊيو ويو آهي جڏهن ته نادرا جي مختلف سينٽرن تي روزانو 50 بينظير معاونت ڪارڊ جاري ڪيا ويندا. تفصيل مطابق خيرپور تعلقي جي 624، فيض گنج 638، گمبٽ 484، ڪنگري 495، ڪوٽ ڏجي 561، ٺري ميرواهه 616 ، نارا 407 ۽ سوڀوديرو جي 440 مستحق عورتن کي بينظير معاونت ڪارڊ جاري ڪيا ويندا.