ٽنڊو محمد خان

چونڊيل نمائندا انسان ئي نه ٿا سمجھن، معذور جي دانھن

فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان

Diable action Committe
معذورن جي بک ھڙتال
معذورن جي بک هڙتال اٺين ڏينهن به جاري، ڪو به چونڊيل نمائندو يا ضلعي عملدار لڙي نه آيو، تفصيل موجب صوبائي سرڪار پاران نوڪرين ۾ معذورن جي ڪوٽا تي عمل نه ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميه پاران معذورن کي امداد نه ڏيڻ خلاف معذور ايڪشن ڪاميٽي پاران مسلسل 08هين ڏينهن به حافظ سرفراز منگي، ممتاز پرهياڙ ، عبدالواحد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقه ميونسپل آفيس سامهون شاميانو هڻي علامتي بک هڙتال جاري رکي، معذور اڳوا ڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي بک هڙتال کي اٺ ڏينهن گذرڻ باوجود ڪو به چونڊيل نمائندو يا ضلعي عملدار لڙي نه آيو آهي ۽ هو اسان کي انسان ئي ڪو نه ٿا سمجهن هنن الزام هنيو ته سنڌ حڪومت پاران نوڪرين واري ڪوٽا تي عمل نٿو ڪيو وڃي ۽ نوڪريون من پسند ماڻهن کي ڏنيون وڃن پيون ۽ اسان کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو پيو وڃي ۽ ضلعي انتظاميه به معذورن لاءِ رکيل بجيٽ من پسند ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏي ٿي . هنن مطالبو ڪيو ته نوڪرين واري ڪوٽا تي شفاف طريقي سان عمل ڪيو وڃي ۽ ضلعي ۾ امدادي رقم به اصل حقدارن حوالي ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button