سکر

چوماسي جي امڪاني برساتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڊي واٽرنگ پمپس کي تيار حالت ۾ رکيو وڃي، ڪمشنر سکر

Sukkur rainسکر(بيورورپورٽ) ڪمشنر سکر ڊويزن انعام الله خان ڌاريجو چوماسي جي امڪاني برساتن جي مند دوران تياري ۽ حفاظتي اپاءَ وٺڻ جي سلسلي ۾ سکر ڊويزن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ٽي ايم اوز کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڊي واٽرنگ پمپس کي تيار حالت ۾ رکن ۽ جيڪڏهن هو نون ڊي واٽرنگ پمپس جي خريد ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪن ته ان سلسلي ۾ ڏهن ڏينهن جي اندر خريداريءَ جي عمل کي يقيني بنائن، هن اهڙو اظهار سکر ڊويزن جي ڊپٽي ڪمشنرن سان مون سون جي تياريءَ جي سلسلي ۾ پنهنجي آفيس ۾ ڪوٺايل هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ٽي ايم اوز کي هدايت ڪندي چيو ته هو فميگيشن مشينن جي ضرورت کي مد نظر رکي مشينون مهيا ڪرڻ کي يقيني بنائن. هن تمام ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو اڳ واٽ جوڳي منصوبه بندي ڪن ته جيئن ڪنهن به قسم جو خال رهجي نه وڃي. هن پڻ کين هدايت ڪئي ته هو مشينري جو اڳواٽ جائزو وٺن ته ڪيترا ڊي واٽرنگ پمپس تيار حالت ۾ آهن ۽ جيڪڏهن ڪجهه ڊي واٽرنگ پمپس کي مرمت جي ضرورت آهي ته انهن کي تيار حالت ۾ رکن. هن ڊپٽي ڪمشنرن کي چيو ته هو هڪ ڪانٽيجنسي پلان ٺاهن، فميگيشن، ماسڪيٽو ڪٽس جي وافر مقدار ۾ موجودگيءَ کي يقيني بنائن هن کين وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو لائيو اسٽاڪ ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن سان رابطي ۾ رهن ڇو ته چوماسي جي امڪاني برساتن جي مند دوران وڏن ۽ ننڍن جانورن ۾ بيماري پکڙجڻ جو خطرو رهندو آهي ۽ هن سلسلي ۾ دوائن ۽ ٻين ضروري سهولتن کي يقيني بنائن. ڊپٽي ڪمشنر سکر کي هدايت ڪئي ويئي ته هو نساسڪ وارن سان گڏجاڻي منعقد ڪري ڄاڻ حاصل ڪري ته جيئن ڪنهن به قسم جي گهٽتائيءَ جي نشاندهي ٿي سگهي ۽ ان کوٽ جو وقتائتو تدارڪ ڪري سگهجي. تمام ڊپٽي ڪمشنرن پنهنجي پنهنجي واسطيدار ضلعن متعلق ڊي واٽرنگ پمپس جي موجودگيءَ ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏين لاءِ موجود گهربل سهولتين ۽ بچاءُ بندن جي موجوده صورتحال کان آگاهي ڏني. بعد ۾ ڪمشنر سکر ڊويزن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ صحت کاتي جي آفيسرن سان پوليو مهم جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي ۽ هلندڙ پوليو مهم ۽ گذريل پوليو رائونڊس متعلق ڄاڻ ورتي. هن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ صحت کاتي جي آفيسرن تي زور ڀريو ته هو پوليو رائونڊس دوران اهڙن والدين کي جيڪي پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪاري آهن انهن کي سماجي تحرڪ ذريعي آماده ڪن ته جيئن پوليو مهم دوران ڪو به ٻار پوليو جا ڦرا پيئارڻ کان رهجي نه وڃي. هن صحت کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پوليو مهم دوران صحت کاتي جي سستيءَ جو مظاهرو ڪندڙ عملدارن خلاف ضابطي جي ڪاروائي جي متعلق ڪيل لک پڙهه جي باري ۾ کيس رپورٽ پيش ڪن. هن تمام ڊپٽي ڪمشنرن جي گذريل ثانوي و اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ سکر طرفان منعقد ڪيل يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي سالياني امتحان دوران ڪاپيءَ کي روڪڻ جي سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن ۽ بهتر ڪارڪردگيءَ ڏيکارڻ جي سلسلي ۾ ساراهه ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button