ٽنڊو محمد خان

ڀٽائي ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران سيمينار منعقد ڪرايو ويو

فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان
seminar Photo 01ڪمند جي اگهه ۽ جنس تان آبادگارن ۽ شوگر ملز مالڪان ۾ هر سال هلندڙ تڪرار جي مستقل حل بابت ڀٽائي ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران سيمينار ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ، ڪين ڪمشنر جو ٽيڪنيڪل نمائندو، آبادگار اڳواڻ ۽ سڄاڻ ڌريون شريڪ ٿيون، ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سيد برڪات رضوي چيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعو شوگر ملز ايريا سڏيو وڃي ٿو جنهن ۾ پنج شوگر ملز آهن ۽ ان جي ارد گرد گهٽ ۾ گهٽ 07 شوگر ملز آهن ۽ لاڙ پٽ جي ترقي ۾ شوگر ملز جو وڏو ڪردار آهي ۽ ان انڊنسٽري کي عوام جي ترقي ۽ فائدي لاءِ ثابت ٿيڻ کپي ۽ ملڪي ترقي ۾ به وڏو حصو آهي ۽ اسان ان تي سنجيدگي سان غور ڪري رهيا آهيون ته ابادگارن ۽ ملرز ۾ ٿيندڙ اختلافن جو مستقل حل ڪڍون ۽ اسان هاڻي کان ئي ان اهم مسئلي تي پيپر ورڪ شروع ڪريون ٿا، ڪين ڪمشنر جي ٽيڪنيڪل نمائندي جاويد اقبال چيو ته شوگر ملز انتظاميه کي اهو باور ڪرايو ويو آهي ته اهو انتهائي سنجيده معاملو آهي ان تي گڏجي ڪو وچترو رستو ڪڍڻ کپي، ۽ اسان اهڙيون ڪوششون شروع ڪريون ٿا، آبادگار اڳواڻ نبي بخش سٺيو چيو ته ملڪ ۾ 77 شوگر ملن جا صرف 30 کان 32 مالڪ آهن ۽ انهن مان اڪٽريت حڪمران ڌر سان تعلق رکن ٿا ان ڪري هو روز آور آهن سمينيار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر لطف علي ٽالپر چيو ته هاڻي عوام کي انهن اڳواڻن کان پڇڻ کپي جيڪي انهن جي ووٽن تي ايوانن ۾ ويٺا آهن تقريب کي ڊاڪٽر جي ايم گل، مشڪور ڦلڪارو، سرفراز ٽالپر، احمد خالد جان ، اسحاق سولنگي، جبار ميمڻ، رمضان شورو، اڪرم ڀٽي، اعظم ڀٽي، فهيم ڀٽي، ساحل اياز ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button