پير جو ڳوٺ

پ پ مخالف گيلاني بعد زرداري جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، پ پ اڳواڻ

Zardariپير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم عبدالسلام ٿهيم جي فرزند ۽ نئين چونڊيل ايم پي اي شاهد علي خان ٿهيم ۽ پ پ اڳواڻ سيد حسين علي شاهه چيو ته پ پ مخالف اڳوڻي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني بعد هينئر صدر آصف علي زرداري جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن جن مان کين ڪجهه به نه ورندو ڇوته صدر کي استثنيٰ حاصل آهي هنن چيو ته مخالف صدر آصف علي زرداري جي ڏاهپ ۽ سياسي فيصلن کي ڏسي بوکلائجي ويا آهن جن کان صدر جون ڪامياب سياسي سرگرميون برداشت نه ٿيون ٿين پر هو ڪجهه به ڪن پر کين شڪست ئي نصيب ٿيندي هنن وڌيڪ چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي جيڪا عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿي ۽ اهوئي سبب آهي جو پ پ ايندڙ چونڊن ۾ پڻ ڪاميابي ماڻي ٻيهر حڪومت ڪندي هنن اهڙو اظهار ڪنگري جي درگاهه ڊرٻ ميهر شاهه تي حاضري ڀرڻ بعد پ پ ايم پي اي پير بچل شاهه جيلاني جي فرزند پ پ اڳواڻ حسين شاهه پاران ڏنل مانجهاندي بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ دين محمد اڄڻ، عبدالطليف ناريجو، اسد الله ناريجو، نياز چانڊيو ۽ بيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button