مختصر خبرون
پير سائين پاڳاري جو امن ۽ محبت ۽ خوشحالي وارو پيغام گهر گهر پهچائي رهيا آهيون، عبدالفتاح ميمڻ
ٺري ميرواهه:فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ هڪ تقريب دوران چيو آهي ته پير سائين پاڳاري جو امن ۽ محبت ۽ خوشحالي وارو پيغام گهر گهر پهچائي رهيا آهيون ، پير سيد صدر الدين شاهه راشدي جي هدايتن تحت فنڪشنل مسلم ليگ کي وڌيڪ فعال ۽ مظبوط بڻايو ويندو ، هن وڌيڪ چيو ته فنڪشنل مسلم ليگ واحد جماعت آهي ، جيڪا بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي ۽ فنڪشنل مسلم ليگ هميشه ملڪي سالميت جي ڳالهه ڪئي آهي ايندڙ حڪومت فنڪشنل مسلم ليگ جي هوندي .