پير جو ڳوٺ: ڪارنھن جي الزام ھيٺ ھڪ شخص قتل
پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) ڪنگري لڳ ڀاڻيجي زال سان ڪارنهن الزام هيٺ مامي کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪري ڇڏيو، زال مرڻينگ، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل، جوابدار فرار، علائقي ۾ ڏهڪاءُ، رپورٽ موجب، ڪنگري لڳ ڪچي جي علائقي گلو سيال ٿاڻي جي حد ڳوٺ منڊو ديرو ۾جوابدار ارشاد مارفاڻي پنهنجي زال 30 ساله سڪينه مارفاڻي ۽ پنهنجي مامي 45 ساله محمد جمن مارفاڻي مٿان ڪارنهن الزام هيٺ ڪلاشنڪوف جا برسٽ هلائي پنهنجي مامي محمد جمن مارفاڻي کي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته سندس زال سڪينه مارفاڻي گوليون لڳڻ ڪري مرڻينگ ٿي پئي جڏهن ته جوابدار ڪلاشنڪوف سميت فرار ٿي ويو اطلاع تي گلوسيال ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي ٿيل عورت کي گمبٽ اسپتال کڻائي آئي جڏهن ته مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي گمبٽ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد سندس پٽ نياز مارفاڻي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن بعد مقتول جو لاش شڪارپور لڳ ڳوٺ مارفاڻي نيو ويو، لاش ڳوٺ ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، واقعي بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته مقتول محمد جمن مارفاڻي شڪارپور لڳ ڳوٺ سلطان ڪوٽ جو رهواسي آهي ۽ شڪارپور ريلوي ڪالوني پرائمري اسڪول جو چوڪيدار هو. جيڪو ڪجهه ڏينهن کان ڳوٺ منڊو ديرو ۾ ترسيل هو.