مختصر خبرون

پير جو ڳوٺ: ڀاءُ ڀيڻ اسلام قبول ڪري ورتو

پير جو ڳوٺ (رپورٽ : اصغر ملاح) پنو عاقل واسي ڀاءُ ڀيڻ پيرڳوٺ پهچي خانقاءِ راشديه ۾ اسلام قبول ڪري ورتو، شهر جي واپارين پاران مالي سهائته پڻ ڪئي وئي، رپورٽ موجب، پنو عاقل واسين ڀاءُ ڀيڻ لاکو پٽ سونو ماروائي ۽ سوني ڌيءُ سونو ماروائي (ڀيل) اڄ پيرڳوٺ پهچي درگاهه خانقاءِ راشديه ۾ مفتي محمد الرحيم سڪندري تي هٿ تي اسلام قبول ڪري ورتو آهي جڏهن ته اسلام قبول ڪرڻ بعد لاکو جو اسلامي نالو عبدالرحيم جڏهن ته سونيءَ جو اسلامي نالو خديجه رکيو ويو آهي هوڏانهن ڄاڻايل ڀاءُ ڀيڻ پاران اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ کين گلن جا هار پهرائي کين مبارڪون ڏيڻ سان گڏ پيرڳوٺ جي واپاري برادري پاران سندن ڀرپور مالي سهائتا پڻ ڪئي وئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button