مختصر خبرون
پير جو ڳوٺ:ملڪ حڪومت جي غلط پالسين سبب تباهي ڪناري پهتو آهي، ن ليگ
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) نواز ليگ ضلعي خيرپور جي اڳواڻن ايڊوڪيٽ ڪي بي ڪٻر، منظور مهيسر، عبدالله شر وڏا مهيسر ۾ نواز ليگ ڪارڪنن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ملڪ حڪومت جي غلط پالسين سبب تباهي ڪناري پهتو آهي جنهن لاءِ عوام کي گهرجي ته هاڻ اهڙن ٺڳن جي ڪوڙن دلاسن ۾ پنهنجي قميتي ووٽ جو زيان نه ڪن، هنن چيو ته پ پ سرڪار جي غلط پالسين سبب روزگار نوجوانن پاڻ کي باهيون ڏئي رهيا آهن جيڪا انتهائي افسوس جهڙي ڳالهه آهي هنن چيو ته نواز ليگ ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ اندر سٺي ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ نواز ليگ جي ووٽ بيڪ کي ڏسي مخالف بوکلائجي ويندا، ان موقعي تي نواز ليگ جا ڪيترائي ڪارڪنن توڙي علائقي واسي پڻ موجود هئا.