پيراميڊيڪل عملي پاران ايم ايس تي تشدد خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ
پيرڳوٺ ۾ سول اسپتال جي ڊاڪٽرن توڙي پيراميڊيڪل عملي پاران ايم ايس تي تشدد خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ، احتجاجي ريلي، ڌرڻو، فوت ٿيل نينگر جي وارثن مٿان ڪيس داخل، رپورٽ موجب، 4 ڏينهن اڳ پيرڳوٺ اسپتال ۾ فوت ٿيل 8 ڪلاس جي نينگر مقيط الله قاضي جي فوت ٿيڻ واري واقعي بعد وارثن ۽ مڇريل شهرين پاران اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ذوالفقار کيمٽيو کي گهران کنڀي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ واري واقعي خلاف ڪالهه (اڄ) 3 ڏينهن به اسپتال جي ڊاڪٽرن توڙي پيرا ميڊيڪل عملي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري شهر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي، ريلي جي اڳواڻي ڊاڪٽر عنايت ميمڻ، قادر بخش پيرزادو، ڊاڪٽر برڪت ڪانهر، ڊاڪٽر عاشق چنو، ڊاڪٽر جوتو مل، آصف ميمڻ، عدنان لوڌي، علي ميمڻ، اصغر ميمڻ، ريحانه خاصخيلي، وڪيلان خاتون، عندليب ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ريلي سول اسپتال کان شروع جيڪا شهر جي مختلف چوراهن کان ٿيندي پريس ڪلب وٽ پهتي جتي ڊاڪٽر ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر انسان ذات جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن پر ڊاڪٽر جي گهرن ۾ گهڙي ڊاڪٽر کي کنڀي سرعام تشدد ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي هنن چيو ته قاضي برادري جو نينگر پنهنجي گهر اندر ئي فوت ٿي پر تنهن هوندي به هنن ڊاڪٽر کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي جن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، مظاهرو ڪندڙن وزيراعليٰ سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ کان گهر ڪئي ته ڊاڪٽر مٿان تشدد ڪندڙ جوابدارن مجبيب الله قاضي، صفي الله، آفتاب قاضي، حفيظ الله قاضي ۽ ٻين کي جلد گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ بائيڪاٽ پوري ضلعي اندر او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو. هوڏانهن پيرڳوٺ پوليس ايم ايس ڊاڪٽر ذوالفقار کيمٽيو جي فرياد تي فوتي نينگر جي والد قاضي مجيب الله، آفتاب قاضي، صفي الله قاضي، حسيب الله قاضي، گل قاضي، اعجاز ميمڻ ۽ 2 نامعلوم سميت 8 خلاف ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ تشدد جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي