مختصر خبرون
پر مکي ايشور اسان کي هر طرح سان نظر انداز ڪندو پيو اچي، اوڏ برادري
سکر: راجپوت ويلفيئر ايسوسي ايشن ضلع سکر جي گڏجاڻي اوڏ هائوس ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ضلعي صدر ڪرشن لال اوڏ، جنرل سيڪريٽري اجي ڪمار ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جنهن ۾ اوڏ برادريءَ جي ماڻهن صدر جي اڳيان پنهنجي شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. اوڏ برادريءَ کي خطاب ڪندي صدر چيو ته اسين به هندو آهيون پر مکي ايشور اسان کي هر طرح سان نظر انداز ڪندو پيو اچي. اسين سکر جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ٿا ڪريون ٿا اسان جي برادريءَ جا به مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ نوجوانن کي نوڪريون ڏيئي ڪري بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ اسين پيپلزپارٽي کي ڇڏڻ تي مجبور ٿي وينداسين.