مختصر خبرون
پاڪستان تحريڪ انصاف ٺري ميرواهه طرفان عدليه جي حق ۾ ريلي
ٺري ميرواهه : پاڪستان تحريڪ انصاف ٺري ميرواهه طرفان عدليه جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي ، جيڪا پريس ڪلب پهتي ، ريلي جي اڳواڻي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ضلع خيرپور جي صدر سردار خان کوسو ، اسلم رضا شر ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا ، ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته عدليه جو احترام ڪيو وڃي ، هنن وڌيڪ چيو ته عمران خان ئي واحد اڳواڻ آهي جيڪو پاڪستان کي روشن مستقبل ڏانهن وٺي ويندو ، ۽ ملڪ مان ڪرپشن ۽ بيروزگاري کي ختم ڪندو