ٽنڊو محمد خان

ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو ويندو، سيد نويد قمر

فهيم ڀٽي،ٽنڊو محمد خان

Tmkhan Photo Naveed Qmar Nalka and Silaie Macheien Taqseem
وفاقي وزير سيد نويد قمر ملاڪاتيار جي ڳوٺ اصغر آباد ۾عورتن ۽ مردن ۾ سلائي مشينون ۽ نلڪا ورهايا
بچاءُ جي وفاقي وزير سيد نويد قمر ٽنڊو محمد خان ضلعي جي يوسي ملاڪاتيار جي ڳوٺ اصغر آباد ۾ سوين غريب عورتن ۽ مردن ۾ سلائي مشينون ۽ نلڪا ورهايا ويا، ان موقعي تي هن چيو ته محبت سنڌ ريلي تي ٿيل فائرنگ جي جانچ ڪئي ويئي آهي ۽ ملوث ماڻهن کي سزا ڏني ويندي، هن چيو ته هڪ نئين شهر اڏڻ سان هن علائقي ۾ روزگار جا نوان موقعا وڌنڌا ۽ اتي خوشحالي ايندي، تضاد بنائيندڙن کي مخالفت نه ڪرڻ گهرجي ذوالفقار آباد رٿا جي ٺهڻ هڪ سٺو عمل آهي، هن چيو ته پ پ جا پنج سال ٿيڻ وارا آهن ۽ اسان ملڪ اندر لکين ماڻهن جي بيروزگار ماڻهن کي روزگار ڏنو ۽ نشهيد بينظير يوٿ پروگرام جي تحت اسان لکين نوجوانن ۽ نياڻين کي تربييتي سکيا ڏيئي انهن کي روزگار سان لڳايو آهي پ پ جي هميشه اها ئي ڪوشش رهي آهي ته وڌ ۾ وڌ مانهن کي روزگار ڏيئي سگهي ته جيئن ته هو خوشحالي واري زندگي گذاري سگهن، هن چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته هر ملڪ سان لاڳاپا بهتر رهن ته جيئن وڻج واپار خوشي سلوڪي سان ٿئي، هن چيو ته پ پ جو هي اليڪشن جو سال آهي ۽ هو اڳ جيان هاڻ به وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي، هن چيو ته نيٽو سپلاءِ جي حوالي سان ڳالهيون هلندڙ آهن جيڪو ڪاميٽي ۾ حل ڪيو ويندو ۽ اهو مسئلو پارليامينٽ ۾ رکيل آهي ، هن چيو ته پاڻي جو بحران جلد ختم ٿي ويندو اسان جي ڪوشش آهي ته ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ڊرينيج جي سسٽم کي دوبارا بحال ڪرائينداسين ۽ ايندڙ امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان بندن جي مرمت مظبوط ڪرائي آهي هن چيو ته عدالت جو اسان احترام ڪيون ٿا پ پ هميشه قومي مفادن کي ترجيع ڏني آهي. هن اعلان ڪيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. ان موقعي تي سيد اعجاز نبي شاهه، ڊي سي برڪات رضوي ، سيد انور علي شاهه، علي اڪبر خاصخيلي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button