ٽنڊو محمد خان

ٽنڊو محمد خان : شھرين پاران معصوم ٻارڙي جي قاتل کي مارڻ جو مطالبو

ٽنڊو محمد خان : (رپورٽ :فهيم ڀٽي)
P T Alf Dharnoٽنڊو محمد خان ۾ معصوم ٻارڙي جو قاتل گرفتار، شهرين جو ٿاڻي اڳيان ڌرڻو، جوابدار کي مارڻ جو مطالبو، مظاهرين ٻه ڪلاڪ ويٺل رهيا، سڄي ضلعي جي پرائمري اسڪولن جي تالا بندي، پرائمري استادن جي احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو، ايس ايس پي ۽ ٻيا آفيسر تڏي تي پهتا، تفصيل موجب ٽندو محمد خان جي مشترڪه ڪالوني ۾ جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيل عورت پرائمري استادياڻي شازيه مغل جي ڌيءُ ۽ پهرين ڪلاس جي شاگردياڻي 6 سالا عائشه ناز ڌيءُ عبدالسلام مغل جي قتل واري ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل آصف آرائين کي ٽنڊو محمد خان پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي گرفتاري جي اطلاع تي سوين ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ ٿاڻي تي گهيراءُ ڪري ٿاڻي ۾ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي گرفتار جوابدار کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد وڌيڪ پوليس نفري طلب ڪري حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا جنهن بعد گڏ ٿيل سوين ماڻهن ٿاڻي ٻاهران ڌرڻو هڻي ٻن ڪلاڪن تائين ويهي رهيا جنهن بعد پوليس جي اعلى عملدارن پهچي ڳالهيون ڪري انصاف جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو جنهن بعد رات وچم گرفتار ٿيل جوابدار آصف آرائين کي پوليس جي سخت پهري ۾ نامعلوم هند منتقل ڪيو ويو آهي ٻي طرف پ ٽ الف پاران پرائمري استادياڻي شازيه مغل جي ڌيءُ عائشه ناز مغل جي قتل واري واقعي خلاف سڄي ضلعي جي پرائمري اسڪولن جي تالا بندي ڪئي ويئي ۽ پرائمري اسڪول کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڦليلي پل تي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي پ ٽ الف جي ضلعي صدر حاجي شفيع سٺيو، شاهنواز مهر، عارف قريشي ۽ ٻين چيو ته فوري طور قتل ٿيل نياڻي جي ميڊيڪل رپورٽ ظاهر ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ هفتي کانپوءِ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو ، هوڏانهن ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان محمد علي بلوچ تڏي تي وڃي ٻارڙي جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ته قاتل کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو جنهن لاءِ تمام قانوني گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن هن وارثن کي اپيل ڪئي ته پوليس سان ڀرپور تعاون ڪيو وڃي جيئن قاتل کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي سگهجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button