ٽنڊومحمد خان: ٽالپر ٽيڪسٽائيل ملز ۾جهيڙي۾گوليون لڳڻ سبب ٻه ڀائرزخمي
رپورٽ :فهيم ڀٽي،ٽنڊومحمد خان
ٽالپر ٽيڪسٽائيل ملز ۾ جهيڙي جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل، هڪ گارڊ گرفتار، ٻنهي ڌرين جا جوابدارن جي گرفتاري لاءِ الڳ الڳ مظاهرا، گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل ٻه ڀائر سول اسپتال حيدرآباد منتقل، تفصيل موجب ٽنڊو محمد خان جي رهواسين ۾ هلندڙ تڪرار تان بلڊرز جي هٿيار بندن پاران ڪيبن نه کڻڻ جو عذر ڄاڻائي سڌي فائرنگ ڪرڻ دوران ڪيبن ۾ ويٺل ٻه ڀائر ثناءُ الله ڀٽي، پرويز ڀٽي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، ۽ انهن کي کڻڻ لاءِ ايندڙ سندن پيرسن پيءُ محمد موسى ڀٽي به هٿياربندن سان منهن ماري بعد کيس سخت تشدد جو نشانو بنائي فائرنگ ڪندي هليا ويا جنهن بعد رهواسين ٽنهي زخمين کي ٽنڊو محمد خان اسپتال آندو جتان ٻنهي ڀائرن کي سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو، واقعي جو ڪيس زخمي محمد موسى ڀٽي جي فرياد تي بلڊرز فاروق دوساڻي جي پٽ سهيل دوساڻي، پير احمد جان سرهندي ۽ خدا بخش چنا ۽ 6/5 نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ٽنڊو محمد خان ٿاڻي تي بلڊرز فاروق دوساڻي جي چوڪيدار نور محمد ڪولاچي جي فرياد تي روينيو جي ڪلارڪ فاروق ڀٽي ، زخمي پيرسن محمد موسى ڀٽي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٽنڊو محمد خان پوليس نور محمد ڪولاچي کي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو ۽ سندس گرفتاري نامعلوم حملي آور هٿيار بند ۾ ڏيکاري ويئي آهي، جڏهن ته ٻنهي ڌرين پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ الڳ الڳ مظاهرا ڪيا ويا، شهري ايڪشن ڪميٽي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي اڳواڻ نور حسن کوکر ، جسقم اڳواڻ زاهد جسڪاڻي ، جست اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي، پ پ شهيد ڀٽو جو پير بابو سرهندي ، هاري ڪميٽي جي غلام حسين سولنگي جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن چوڪ کان ريلي ڪڍي ڦليلي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته انساني حقن واري ضلعي اڳواڻ پير احمد جان سرهندي ، سماجي اڳواڻ سهيل دوساڻي تي ٿيل قاتلانا حملي جي مذمت ڪيون ٿا ، هن چيو ته سندن ذاتي ملڪيت آهي جنهن تي ڪجھ ڌريون قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيون ، جنهن ڪري مخالف ڌر حملو ڪري وڌو، جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا ، اسان نٿا چاهيون ته شهر ٽنڊو محمد خان ۾ ڪي اهڙا واقعا ٿين جن سان شهر جون حالتون خراب ٿين اسان ضلعي جي اعلى عملدارن کي اپيل ٿا ڪريون ته ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. ٻي طرف فائرنگ ۾ زخمي ڌر جي اڳواڻن موسى ڀٽي ، منور ڀٽي ، علي محمد ڀٽي الزام هنيو ته جوابدار بااثر آهن اسان کي جان کان مارڻ جو ڌمڪيون ڏين پيا پوليس ڪجھ نه ٿي ڪري اسان اعلى اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.