ٻه صحافي عمري جي سعادت ماڻيندا
رپورٽ:فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان
ٽنڊو محمد خان جا ٻه خوشنصيب صحافي هن سال عمري جي سعادت ماڻڻ لاءِ مديني شريف ويندا، پريس ڪلب پاران رٿيل تقريب، ۾ ڊپٽي ڪمشنر برڪات رضوي پکا ڪڍي خوشنصيب صحافين رانا اڪبر ۽ راؤ غلام حسين جي نالن جو اعلان ڪيو، جيڪي جولاءِ ۾ عمري جي سعادت لاءِ روانا ٿيندا، ان موقعي تي ايس ايس پي محمد علي بلوچ، سينئر صحافي غلام نبي ڪيريو، اعظم ڀٽي، فاروق صديقي، ، اڪرم ڀٽي، عبدالرحمان شيخ، جبار بلوچ، منير بروهي، عمر شريف، ذوالفقار چانڊيو، امتياز مڱريو، مرسل رضوي، انور شيخ، عثمان کتري، غلام علي چانگ، سرفراز ميمڻ، زاهد قريشي، اسحاق ميمڻ، رضوان ميمڻ، مرتضى بهراڻي، پريس ڪلب بلڙي شاهه ڪريم جو نائب صدر جميل ميمڻ، پريس ڪلب ماتلي جو جنرل سيڪريٽري اسلم قائمخاني، خداڏنو درس ۽ ٻيا موجود هئا. ٻي طرف نيشنل پريس ڪلب جي صدر حيدر شورو، نائب صدر غلام نبي مڱريو، جنرل سيڪريٽري اسفند چانڊيو، جوائنٽ سيڪريٽري فهيم ڀٽي ۽ خزانچي ساحل اياز عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ ويندڙ سينئر صحافي رانا اڪبر ۽ راؤ غلام حسين کي مبارڪباد ڏيندي سندن لاءِ نيڪ خواهشن جا اظهار ڪيو آهي