ٻن جوابدارن پاران 10 ساله ٻارڙي سان زبردستي لڄالٽ جي ڪوشش
پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) ڪنگري جي ڪچي ۾ ٻن جوابدارن پاران 10 ساله ٻارڙي سان زبردستي لڄالٽ جي ڪوشش، نينگري جون رڙيون، ڌنارن ۽ ڳوٺاڻن جي واهر تي جوابدار فرار، پوليس 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، رپورٽ موجب، ڪنگري جي ڪچي ڳوٺ مالهي شيخ ۾ 2 جوابدارن شهبان شيخ ۽ رياض شيخ پاران 10 ساله نينگري انتيا ڌيءُ حب علي شيخ جيڪا ڳوٺ ڀرسان ٻهاري لاءِ تيليون پٽڻ لاءِ وڃي رهي هئي ته رستي مان ڄاڻايل جوابدارن کنڀي کيس وات تي هٿ ڏئي ڪمند جي فصل ۾ لڄالٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نينگري جي رڙين تي ڀرپاسي جا ڌنار ۽ ٻني ۾ ڪم ڪندڙ پيءُ پهچي ويو جنهن تي جوابدار نينگري انيتا کي ڇڏي فرار ٿي ويا، هوڏانهن اطلاع تي احمدپور پوليس ڳوٺ مالهي شيخ تي چڙهائي ڪري ٻن ڄڻن رياض علي شيخ ۽ سندس پيءُ محمد سومر شيخ کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته هڪ جوابدار شعبان عرف پٽاٽو شيخ فرار ٿي ويو آهي ٻئي طرف نينگري انيتا شيخ پنهنجي پيرسن ڏاڏي جيجل شيخ سميت پيرڳوٺ ۾ صحافين وٽ پهچي دانهيندي چيو آهي ته ڄاڻايل جوابدارن مونکي رستي مان زبردستي کنڀي لڄالٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڀرپاسي جي ڌنارن ۽ منهنجي پيءُ پهچي مونکي بچائي ورتو هن چيو ته جوابدارن منهنجي زندگي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جن کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ڇوته جوابدار بااثر آهن جيڪڏهن گرفتار نه ٿيا ته مونکي قتل ڪري ڇڏيندا هن آءِ جي سنڌ انساني حقن جي تنظيمن کان گهر ڪئي آهي ته انصاف ڪيو وڃي.