مختصر خبرون

ٺري ميرواهه ڀرسان جوڳي برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ قومي امن ڪميٽي

ٺري ميرواهه: ٺري ميرواهه ڀرسان جوڳي برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ قومي امن ڪميٽي پاران لايرس ونگ سنڌ جي چيئرمين ايڊووڪيٽ پرويز جوڳي ، محمد اقبال سومرو ، استاد اڪرم حاجي ، رياز احمد پنهيار ، خان محمد شر ، لياقت جوڳي ، فقير محمد ملاح ، مور جوڳي ، شفيق عامر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو ڳوٺ باغ بچراهه پهتو ، جتي ٻنهين ڌرين پاران فيصلي لاءِ راضپو ڏيکاريو ۽ هلندڙ جهيڙو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ، ان موقعي تي قومي امن ڪاميٽي جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ پرويز جوڳي چيو ته اسان سنڌ ۾ امن امان بحال ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن ، ۽ ضلعي خيرپور اندر امن امان کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو خاتمو ڪرائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪري رهيا آهيون .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button