مختصر خبرون

ٺري ميرواهه : ٽي او فنانس هٽايو، سول سوسائٽي پاران مظاھرو

ٺري ميرواهه : ٽي او فنانس هٽايو ، ٺري ميرواهه جي مختلف سياسي سماجي ، سول سوسائٽي پاران مظاهرو ڪيو ويو ، شهرين چيو ته ٽي او فنانس صوبائي وزير لوڪل گورنمنٽ سراج دراني ۽ پ پ پ ايم پي اي پير سيد پيار علي شاهه جيلاني پاران مقرر ڪرايل ڊيليويجز وارن ملازمن جي بنا سبب جي پگهار بند ڪري ڇڏي آهي ، جنهن سبب غريب پورهيت ملازم فاقاڪشي تي مجبور آهن ، جڏهن ته ٽي او فنانس ڊيليوجز تي ڪم ڪندڙ تعلقه ڪائونسل جي ملازمن کي پگهارن ڏيڻ لاءِ رشوت گهري رهيو آهي ، ۽ غريب ملازمن کي بنا سبب تنگ ڪري رهيو آهي ، هنن وڌيڪ چيو ته ٽي او فنانس ٺري ميرواهه صوبائي وزير لوڪل گورنمنٽ ۽ پ پ پ ايم پي اي جو به چوڻ نه ٿو وٺي ۽ کيس چوڻ آهي ته منهنجي مرضي آهي ، هنن گهر ڪئي ته ٽي او فنانس ٺري ميرواهه کي هتان فورن هٽايو وڃي ۽ ايماندار ٽي او فنانس مقرر ڪيو وڃي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button