مختصر خبرون
ٺري ميرواهه: تعلقه ڪائونسل جي ملازمن کي پگهارون ڏياريون آهن، عبدالحميد جمالي
ٺري ميرواهه :تعلقه ڪائونسل ٺري ميرواهه جي ٽرانزيشن آفيسر عبدالحميد جمالي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مون ذاتي ڪوششن سان تعلقه ڪائونسل ٺري ميرواهه جي ملازمن کي پگهارون ڏياريون آهن ، ۽ تعلقه ڪائونسل جي اڪائونٽ مان صرف ملازمن جي پگهارن جا پئسا ڪڍرايا آهن ، تعلقه ايڊمنسٽريٽر وڌيڪ چيو ته آءُ تعلقه ٺري ميرواهه اندر ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهيان ، ۽ تعلقه جي هر ڳوٺ ۽ يونين ڪائونسلن اندر ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا ، ۽ عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرايا ويندا۔