مختصر خبرون

ٺري جا ڪافي واھ گذريل پنجن ڏينهن کان بند

ٺري ميرواهه : انجنيئر ايسٽ ايريگيشن خيرپور ۽ ايس ڊي او ايريگيشن ٺري ميرواهه پنهنجو قانون هلائيندي ميرواهه ڪئنال مان نڪرندڙ بلاول واهه ، سدارنگ واهه ، سونواهه ، خان واهه ۽ ساوڙي شاخ کي گذريل پنجن ڏينهن کان بند ڪري ڇڏيو آهي ، جنهن سبب آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيڻ جو انديشو ڪاهيل ووڻئن جو فصل سڪڻ لڳو ، آبادگارن ڪامريڊ غلام شبير شر ، محمد بخش شر جي اڳواڻي ۾ انجنيئر ايسٽ ايريگيشن ۽ ايس ڊي او ايريگيشن ميرواهه خلاف پريس ڪلب ٺري ميرواهه آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آبادگارن چيو ته گذريل پنجن ڏيهن کان وٺي بنا سبب انجنيئر واهه بند ڪري ڇڏيا آهن ، معلوم ڪرڻ تي اهو ٻڌايو ويو آهي ته انجنيئر پاڻي ڇڏڻ لاءِ پئسا گهري رهيو آهي ، هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ پاڻي جي صوبائي وزير کان گهر ڪئي ته بنا سبب بند ٿيل واهه کوليا وڃن ٻي صورت ۾ انجنيئر ايسٽ خيرپور آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button