وقت اچي ويو آ ته ڌرتي جي حوالي سان گڏ ٿيون، ايم اين اي مير عامر مگسي
ضمير کرل،شهدادڪوٽ
گذريل ڏينهن ڪراچي جي پهلوان ڳوٺ ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل شهدادڪوٽ جي سپاف ڪارڪن(22)ورهين جي امداد مگسي جو لاش سندس گهر شهدادڪوٽ پهتو ته ڪهرام مچي ويو ، جڏهن ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ بيگناه قتل ٿي ويل نوجوان امداد مگسي جي جنازي نماز عيدگاه ۾ ادا ڪئي وئي ، سندس جنازي نماز ۾ پ پ ايم اين اي مير عامر مگسي ، مير نور الله مگسي ، سپاف اڳواڻ دوست محمد سومرو ، ظفر مگسي ، بشير مگسي ، ايس ٽي پي اڳواڻ نور الله بلوچ سميت مختلف پارٽين جي اڳواڻن ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته سپاف ڪارڪنن جي لاش کي شهر ويجھو اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماء حوالي ڪيو ويو ، ان موقعي تي پ پ ايم اين اي مير عامر مگسي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن کي ٽارگيٽ بڻائي ماريو وڃي ٿو ، سنڌ جي ننڍن ، وڏن شهرن مان سنڌي روزگار وسيلي ڪراچي وڃن ٿا جيڪو دهشتگردن کان برداشت نه ٿو ٿئي روزانو سنڌين کي اهڙي ريت روزانو ڪيترائي لاش تحفي ۾ ڏنا وڃن ٿا ، وقت اچي ويو آ ته ڌرتي جي حوالي سان گڏ ٿيون جيڪڏهن اڃان به گڏ نه ٿيا سين ته ايئن ڪُتِر،ڪُتِر ڪيو ويندو عامر مگسي چيو ته حڪومت کي جيڪي قدم کڻڻ گهر با آهن اهي نه ٿي کڻي ، حڪومت ۾ اهڙا ماڻهون ويٺا آهن جن جي دلچسپي پنهنجي ذات ۽ پنهنجو کيسو آهي ، جنهن سبب نوجوان موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن ، هن ڪراچي ۾ سنڌي ۽ بلوچ نوجوانن جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته مون ڪاغذ تيار ڪيو آهي ، قومي اسيمبليء ۾ ان تي ڳالهائيندس جيڪڏهن نه ٻڌو ويو ته آءُ پنهنجي حڪومت خلاف واڪ آئوٽ ڪندس ، هنن چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ مهاجرن جو پنهنجومسئلو آهي ، بيگناه ماڻهن جي مارڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گھرجي ، ان کان اڳ سپاف ڪارڪنن نوجوان جي قتل خلاف ڪو ٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو پڻ هنيو