نٽھڻ اس ۾ غريب عورتون بينظير انڪم سپورٽ ڊيبٽ ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان
شهدادڪوٽ (رپورٽ: ضميرکرل)شهدادڪوٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ڊبيٽ ڪارڊ وصول ڪندڙ عورتن جي تمام گهڻي رش رهي ٿي، پيئڻ جي پاڻي ۽ ويهڻ جي سهوليت نه هئڻ سبب شهر توڙي ڏورانهن علائقن کان آيل عورتون اڃ وگهي تڙپن پيون ۽ نٽهڻ اس ۾ تتل ڌرتيءَ تي ويهڻ تي مجبور آهن، سينٽر آڏو بيٺل عورتن ٻڌايو ته هو ڪيترن ڏينهن کان روزانو اچن ٿيون پر کين رش هئڻ سبب ڪارڊ ناهي ملي سگهيو،سندن چوڻ هو ته سخت ڌُپ ۽ پيئڻ جي پاڻي جي سهوليت نه هئڻ سبب ڪيتريون ئي عورتون بيمار ٿي پون ٿيون ، شهدادڪوٽ محترمه بينظير ڀٽو جو چونڊ تڪ رهندو آيو آهي هينئر هتان جي ايم اين اي فريال ٽالپور آهي پر تنهن هوندي به چونڊيل نمائندن ۽ سرڪار شهيد راڻي جي خواب جي ساڀيان لاءِ عورتن جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ ناهن ورتا، جنهن سبب ڪارڊ وصول ڪرڻ لاءِ ايندڙ عورتون بيحال ٿي وڃن ٿيون ۽ سينٽر ٻاهران نٽهڻ اس ۾ بيٺل عورتون ۽ مغصوم ٻارڙا گُهٽ ،ٻوسٽ ڪري بيهوش ٿي وڃن ٿا،ٻئي پاسي ذريعن کان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته سرسر سماجي تنظيم جي انچارج سڪندر ٻٻر ۽ عملي جي لاپرواهي سبب بهتر نموني سروي نه ٿيڻ سبب 10 هزار ماڻهن جا فارم رهجي ويا آهن ، وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته 10 هزار فارم جيڪي غفلت سبب ڀريل هئا اهي سرسو آفيس شهدادڪوٽ درستگي لاءِ اماڻيا ويا هئا،ان بابت وڌيڪ خبر ناهي پئجي سگهي ته ڇا ماجرا آهي،ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته سرسو عملدارن کي جيڪو ڪم 2 مهينن ۾ ادا ڪرڻو هو اهو ڪم هنن ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ڪري پئسا بچايا آهن ٻڌايو وڃي ٿو ته سندن لاپرواهي واري ڪيل سروي سبب 10 هزار مستحق ماڻهون رهجي ويا آهن،
هوڏانهن اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته بينڪ وٽ اي ٽي ايم مشين تي بيٺل عملو ۽ پوليس اهلڪار غريب عورٽن کان 2 کان 3 سو روپيا وٺي اي ٽي ايم مشين ڏانهن ڇڏين ٿا اهڙيءَ ريت غريب ماڻهون بي قياس ماڻهن هٿان لٽجڻ ۽ ڦرجڻ تي مجبور آهن،ٻئي پاسي ڪارڊ وصول وٺڻ لاءِ سينٽر تي پهتل ڪجهه عورتون دروازي بند هئڻ سبب ڀتيون ٽپي اندر داخل ٿين ٿيون ،قطار ۾ نه بيهڻ ۽ زبردستي عورتن جي اندر داخل ٿيڻ سبب عملدارن جي چوڻ موجب کين وڌيڪ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون ، عملدارن نظم و ضبط لاءِ وڌيڪ پوليس نفري مقررڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته عورتون صبر کان ڪم وٺن قطار ۾ بيهي آرا۾ سان ڪارڊ وصول ڪن پر ڪنهن کي به هڪ روپيو رشوت نه ڏين.