شهدادڪوٽ

نذير بروهي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاھرو

ضمير کرل،شهدادڪوٽ



shahdadkot sobaey salahkar m amin mengal ahtjaj khatam karaende13.6.2012شهدادڪوٽ ۾ بروهي برادري جي سڏ تي چار ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل سوناري نذير بروهي جي بازيابي لاءِ مختلف سياسي ، سماجي تنظيمن جسم ، جسقم، فنڪشنل ليگ، رائيس مل يونين، ڪريانه ايسوسيئيشن شهري اتحاد ۽ ٻين تنظيمن جي سوين ڪارڪنن ۽ شهرين سردار مينگل، احمد نواز بروهي، مولانا محمد جان عابد، مراد پنڌراڻي ،محمد خان بروهي،علي حسن بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي جلوس ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ، ويندڙ گاڏيون قطارن ۾ بيهجي ويون ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شهر اندر اغوا ،ڦُر جون وارداتون معمول بڻيل آهن پر پوليس انتظاميا ان تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام وئي آهي، هنن نوجوان نذير بروهي جي اغوا ۽ سندس بازيابي ۾ پوليس جي سستي واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مغوي کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، ٻي صورت ۾ هنن سخت احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي. هوڏانهن صوبائي صلاحڪار مير محمد امين مينگل ڌرڻي واري هنڌ پهچي احتجاج ڪندڙن کي 24 ڪلاڪن اندر اغوا ٿي ويل نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندي احتجاج ختم ڪرايو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button