مختصر خبرون

مهدي حسن جهڙو غزل ڳائيندڙ صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن: پير مظهرن الحق

ڪراچي : تعليم ۽ خوانگي واري صوبائي وزير پير مظهر الحق چيو آهي ته مهدي حسن جهڙا فنڪار صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ موسيقي جي دنيا ۾ هميشه سندن نالو زندهه رهندو. اها ڳالهه اڄ هن شهنشاهه غزل مهدي حسن جي تدفين جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته مهدي حسن نه صرف هڪ عظيم غزل گائڪ هو، بلڪ هو هڪ نفيس انسان به هو. جڏهن ته غزل گائڪي جي ڳالهه ڇڙندي ته مهدي حسن جو نالو اڳيان هوندو. ان موقعي تي صوبائي وزير مهدي حسن جي پٽ عارف مهدي ۽ مهدي حسن جي نياڻي سان ڏک جو اظهار ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button