ٽنڊو محمد خان

ممتاز ڀٽو جا ٽنڊو محمد خان جي ميرن سان رابطا، ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت

رپورٽ :فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان

Mamtaz Bhutto ، Mir Inayat Talpur
ممتاز ڀٽو ۽ مير عنايت ٽالپر
ممتاز ڀٽو جا ٽنڊو محمد خان جي ميرن سان رابطا، امير بخش ڀٽو پيغام کڻي مير عنايت ٽالپر وٽ پهچي ويو، مسلم ليگ ”ن“ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت، ميدان صلاح مشوري لاءِ وقت گهري ورتو، مير گروپ ۾ ٻه لاياب، پ پ يا نواز ليگ ، فيصلو خاندان جا وڏا ڪندا، تفصيل موجب مسلم ليگ ”ن“ اڳواڻ سردار ممتاز ڀٽو پاران سنڌ ۾ مسلم ليگ ”ن“ کي مضبوط ڪرڻ ڪرڻ لاءِ سياسيتدان سان هلندڙ رابطن جي سلسلي ۾ ڪالهه شام جو دير سان سردار ممتاز ڀٽو جو پٽ سردار امير بخش ڀٽو پنهنجي والد جو پيغام کڻي ٽنڊو محمد خان جي ميرن وٽ پهتو ، جتي هن ٽنڊو محمد خان جي اڳوڻي ضلعي ناظم مير عنايت ٽالپر ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار مير علي نواز ٽالپر سان مير عنايت فارم تي وڃي ملاقات ڪري کين مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو پيغام پهچايو، ۽ ٽنڊو محمد خان جي ميرن کيس صلاح مشورو ڪري ورندي ڏيڻ جو چئي ڪجهه هفتن ۾ جواب ڏيڻ جو چيو آهي ، اطلاع آهن ته اهڙي ملاقات کانپوءِ مير خاندان ۾ ٻه رايا سامهون آيا آهن اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا جي ويجهو لکيو ويندڙ ڌر جو موقف آهي ته پ پ ۾ شامل ٿيڻ کپي جڏهن ته ٻي ڌر جو رايو آهي ته نواز شريف سان گڏجڻ کپي جنهن بعد ڌرين ۾ اتفاق ٿيو آهي ته ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿيڻ واري فيصلي کان اڳ خاندان جي گڏجاڻي ڪري صلاح مشورو ڪيو ويندو جنهن بعد هفتن ۾ ممتاز ڀٽو کي ٻڌايو ويندو ۽ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن نواز ليگ ۾ ٿيڻو پيو ته ممتاز ڀٽو جي معرفت شامل ٿينداسين ۽ جيڪڏهن پ پ ۾ شامل ٿيڻو پيو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي فهميدا مرزا ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا معرفت فيصلو ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button