شهدادڪوٽ

ملڪ جھنگ کان وڌيڪ بدتر ٿي ويو آهي ، هن ملڪ ۾ اصول نالي ڪابه شيء ڪانهي، ساجد نقوي

Sajid NaQVIشهدادڪوٽ (رپورٽ؛ ضمير کرل ) ملت جعفريه جي سربراه علامه سيد ساجد علي نقوي چيو آهي ته کين وحدت المسلمين واري قوت جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ، دشمن خثيث آ ان جي ڪا به حثييت ناهي شهدادڪوٽ جي ڪوٽوموٽو چوڪ تي لبيڪ ياحسين ڪانفرنس ۽شهيد حاجي شفقت هاڙهو جي چهلم تقريب دوران هزارين عزادارن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ساجد نقوي وڌيڪ چيو ته ملڪ جھنگ کان وڌيڪ بدتر ٿي ويو آهي ، هن ملڪ ۾ اصول نالي ڪابه شيء ڪانهي، مظلومن جي حمايت سندن منشور آهي ،سندس چوڻ هوته هُو فرقي پرستي جي دعوت نه ٿا ڏين عزادارن جو فرقيواريت سان ڪو به تعلق ناهي ۽ هُو فرقي پرستي تي لعنت ڪن ٿا ، علامه ساجد نقوي چيو ته عزاداري سيدالشهداءِ سندن حق آهي مجرم کين ان حق کان روڪي نه ٿا سگهن ، هن چيو ته تشيعه آل محمد جو مڪتب آهي گندي نالي جي ڪيڙن سان ڦاسڻ سندن ڪم ناهي ، اسان جي پنهنجي هڪ حثيت آهي ، ساجد نقوي جو چوڻ هو ته شهيد شفقت هاڙهو جو قتل سني،شيعه وڳوڙ جو نتيجو ناهي ، هڪ مخصوص ٽولي جو ڪم آ جيڪو پئسن خاطر ملڪ اندر وڳوڙ ڪرائي بيگناه ماڻهن جو خون وهائي ملڪ کي فرقيواريت جي باه ۾ ساڙڻ گھري ٿو ، هن چيو ته شرپسندن جي ڪلهي تي ويٺل قوتن کي هُوٻڌائڻ ٿا چاهين ته هُو خثيث آهن ۽ هاڻ سازشي عنصرن جو پنهنجي قوت سان مقابلو ڪندا ۽ هُو حڪمرانن مان اها اميد نه ٿا رکن ته هو سندن تحفظ ڪندا ، ، ساجد نقوي چيو ته هن ملڪ جي تقدير تڏهن ئي بدلبي جڏهن هن ملڪ ۾ عدل علي نظام نافذ ڪيو وڃي ، هن چيو ته شهيد شفقت هاڙهو جو مشن جاري رکيو ويندو ۽ شهيد شفقت علي هاڙهو جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ تائين احتجاج جاري رکندا . هن چيو ته هو اتحادبين المسلمين جا دعويدار آهن ، هر مذهب ، مڪتب جو احترام ڪن ٿا ، ان موقعي تي مرڪزي سيڪريٽري جنرل علامه عارف حسين واحدي شيعه علماء ڪائونسل جي صوبائي صدر محمد باقر نجفي ، مختيار امامي ، مولانا اسد شر ۽ ٻين خطاب ڪيو آخر ۾ علامه سيد ساجد نقوي ۽ ٻين عزادارن شهيد شفقت هاڙهو جي مزار تي حاضري ڀري سندس مغفرت لاء دعائون گھريون ، شيعه علماء ڪائونسل سنڌ پاران رٿيل ڪانفرنس ۽ چهلم واري تقريب ۾ سموري سنڌ جي مختلف شهرن مان آيل هزارين عزادارن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button