معذورن جي بک هڙتال کي هفتو مڪمل، ڪنھن سار نه لڌي
رپورٽ : فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان
معذورن جي بک هڙتال کي هفتو مڪمل، ڪو به چونڊيل نمائندو يا ضلعي عملدار لڙي نه آيو، تفصيل موجب صوبائي سرڪار پاران نوڪرين ۾ معذورن جي ڪوٽا تي عمل نه ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميه پاران معذورن کي امداد نه ڏيڻ خلاف معذور ايڪشن ڪاميٽي پاران مسلسل 07هين ڏينهن به حافظ سرفراز منگي، ممتاز پرهياڙ ، عبدالواحد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقه ميونسپل آفيس سامهون شاميانو هڻي علامتي بک هڙتال جاري رکي، معذور اڳوا ڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي بک هڙتال کي هفتو مڪمل ٿيڻ باوجود ڪو به چونڊيل نمائندو يا ضلعي عملدار لڙي نه آيو آهي ۽ هو اسان کي انسان ئي ڪو نه ٿا سمجهن هنن الزام هنيو ته سنڌ حڪومت پاران نوڪرين واري ڪوٽا تي عمل نٿو ڪيو وڃي ۽ نوڪريون من پسند ماڻهن کي ڏنيون وڃن پيون ۽ اسان کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو پيو وڃي ۽ ضلعي انتظاميه به معذورن لاءِ رکيل بجيٽ من پسند ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏي ٿي . هنن مطالبو ڪيو ته نوڪرين واري ڪوٽا تي شفاف طريقي سان عمل ڪيو وڃي ۽ ضلعي ۾ امدادي رقم به اصل حقدارن حوالي ڪئي وڃي.