مزدورن جي مظاھرو، توتڙ وڪرو ڪرڻ ۾ ايس ايڇ او جي ملوث ھجڻ جو الزام
شهدادڪوٽ (رپورٽ؛ ضميرکرل) شهدادڪوٽ ۾ سرن جي بٺن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن، ٽريڪٽرٽرالي مالڪن سوڌو ڊرائيورن رائيس مل مالڪن جي توتڙ شهر بدران ٻاهرين شهرن جي واپارين کي وڪرو ڪرڻ خلاف 2 ڪلوميٽر احتجاجن پيادل مارچ ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو ويو، بٺا يونين پاران بٺي مالڪن،۽ ٻٺن تي ڪم ڪندڙ 4 تعلقن جي پورهيتن صالح سيلرو، فقيرگل حسن بروهي، قربان سيلرو، نصير سيلرو، محسن قاضي،نصيربروهي، عامرمگسي، رياض جمالي ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڳوٺ سيلرا جي حسيني چوڪ کان هٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ کڻي 2 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري شهر جي ڪوٽو موٽو چوڪ تي پهچي ڪيترائي ڪلاڪ نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ،ويندڙ گاڏيون قطارن ۾ بيهجي ويون ، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته چانورن جي ڪارخانن جا مالڪ توتڙ شهر جي ٻٺن مالڪن کي ڏيڻ بدران ٻاهرين شهرن ڏانهن موڪلي رهيا آهن، هنن الزام هڻندي وڌيڪ چيو ته توتڙ ٻاهرين شهرن ڏانهن موڪلڻ ۾ (بي) سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايچ او ملوث آهي جيڪو 5 هزار روپيا رشوت في ٽرڪ وٺي توتڙ ٻاهر منتقل ڪرائي رهيو آهي، جنهن سبب بٺن جا مالڪ سخت پريشان آهن، جڏهن ته بٺن تي ڪم ڪندڙ 8 هزار پورهيت بيروزگار آهن، توتڙن جي کوٽ سبب بٺا بند پيل آهن ۽ هزارين پورهيت فاقا ڪٽي رهيا آهن، احتجاج ڪندڙن تدارڪ جي گهر ڪندي ٻي صورت ۾ مجبورن شهر جي چئني رستن کي سيل ڪري ڌرڻي هڻڻ جو چتاءُ ڏنو آهي.