محترمه غنويٰ جي 50 هين سالگره بچل شاهه مياڻي ۾ ملھائي ويئي
سکر(بيورورپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي(ش ڀ)ضلعي سکر پاران پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو)جي قائد شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي وني محترمه غنويٰ جي 50 هين سالگره بچل شاهه مياڻي ۾ جتوئي هائوس تي 50 پائونڊ جو ڪيڪ ڪاٽي ملهائيڻ سان گڏو گڏ قائد محترمه غنويٰ ڀٽو جي وڏي ڄمار لاءِ دعا گهري وئي جتي پارٽي اڳواڻن نعيم محمد ،محمد عيدن جتوئي ،،دلمراد جتوئي ،ياسين جتوئي ،علي رضا بلوچ۽ ٻين ڪارڪنن جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي( ش ڀ) هميشه ملڪي عوام جي خدمت ڪئي اهي ۽ ڪندي رهندي هنن چيو ته موجوده سرڪار عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي اهي هنن چيو ته موجوده سرڪار صرف اکرن جي هير ڦير ڪري هر ڀيري بجيٽ ۾ عوام کي مهانگي جا تحفا ڏيئي رهي اهي هنن چيو ته جيڪا وفاقي بجيٽ پيش ڪئي وئي اهي ان مان به غريب عوام کي ڪوبه رليف ملي نه سگهندو جيڪا بجيٽ به عوام دشمن ٿابت ٿيندي هنن چيو ته هاڻي ملڪي عوام جو ويساهه موجوده حڪمرانن مان کڄي ويو آهي ۽ هو موجوده حڪمرانن مان ڇوٽڪارو چاهين ٿا هنن چيو ته پيپلز پارٽي ش ڀ موجوده حڪمرانن مان عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي اهي جيڪي جلد ئي سانڀيا ٿيندي ۽ عوام سک جو ساهه کڻي سگهندي