اسلام آباد
متحدا مجلس عمل بحال ٿيڻ گهرجي، لياقت بلوچ
بيورو رپورٽ، سکر
جماعت اسلامي پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل لياقت بلوچ چيو آهي ته تمام ديني جماعتن سان رابطي ۾ آهيون، متحدا مجلس عمل بحال ٿيڻ گهرجي ۽ بحاليءَ لاءِ ڪوششون جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار جماعت اسلاميءَ پاران منعقد ڪيل سالياني دستاربنديءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هن وقت ملڪ سنگين مسئلن ۾ گهريل آهي. جنهن جي ڪري دين کان دوري آهي. هن جو چوڻ هو ته آمريڪا پاڪستان جو کليو دشمن آهي. ان جي باوجود حڪمران آمريڪا جي خوشامند ۾ ڏينهن رات لڳا پيا آهن. نيٽو سپلائي ڪنهن به صورت ۾ بحال ٿيڻ نه ڏينداسين. اگر حڪومت پنهنجي آمريڪي آقائن جي خوشنودي لاءِ عوام ۽ اسيمبليءَ جي متفقه قرارداد جي خلاف ورزي ڪئي ته نيٽو سپلائي جي خلاف ڀرپور مزاحمت ڪنداسون. تقريب جي آخر ۾ حافظ قرآن طالبعلمن جي دستار بندي ڪئي ويئي.