غير قانوني واٽرڪورسن خلاف آبادگارن جو مظاھرو
ضمير کرل، شهدادڪوٽ
شهدادڪوٽ ۾سنڌ آبادگار بورڊ پاران بلوچستان جي سيف الله مگسي ڪينال مان با اثر ماڻهن جي غير قانوني طور چئن واٽر ڪورسن جي منظوري ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، شهدادڪوٽ ۽ قبي سعيد خان تعلقن جي سوين آبادگارن سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ محمد اسحاق مغيري ، رئيس واجد علي چانڊيو ، ڪامريڊ محمد عرس سيلرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽوموٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ، احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي وڏي وزير ۽ آبپاشي سڪريٽري خلاف سخت نعري بازي ڪئي ، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سيف الله مگسي ڪينال ۾ غير قانوني طور بلوچستان جي با اثر ماڻهن کي چئن واٽر ڪورسن جي منظوري ڏيڻ واري سرڪار جي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هنن چيو ته سيف الله مگسي ڪينال جي سوين آبادگار ڳچ عرصي کان زرعي پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏين ٿا ، ان جي باوجود سنڌ حڪومت واٽر ڪورسن جي منظوري ڏيئي سنڌ جي آبادگارن ۽ هارين کي بکيي ،پياسي مارڻ جي پلاننگ ڪئي آهي ، هنن چيو ته خريف جي فصل لاء شهدادڪوٽ ۽ قبي سعيدخان تعلقن جي ڪيترين ئي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ۽ هوڏانهن بلوچستان جي با اثر ماڻهن کي سيف الله ڪينال ۾ چئن واٽر ڪورسن جي منظوري ڏيڻ سنڌ جي آبادگارن سان نا انصافي ۽ زيادتي آهي ، هنن گھر ڪئي ته بلوچستان جي با اثر ماڻهن کي غير قانوني ڏنل واٽرڪورسن جي منظوري کي ختم ڪري شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي چونڊ تڪ جي آبادگارن ۾ پکڙيل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي ، ٻئي صورت سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي .