ٽنڊو محمد خان

غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خدمت عبادت آهي،علي احمد لنڊ

ٽنڊو محمد خان : رپورٽ: فهيم ڀٽي)
احمد لنڊ شام تقريرونسنڌ گورنمنٽ جي لوڪل گورنمنٽ جي سيڪريٽري علي احمد لنڊ چيو آهي ته غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خدمت عبادت آهي ۽ انهن سان ويساهه گهاتي گناهه آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن آغاز سوشل ويلفيئر ايسوسيشن پاران سندس مان ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته مون نوڪري خدمت جي جذبي تحت ڪئي آهي انهن ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي جيڪي پيرين اگهاڙا آهن هيستائين چار هزار نوڪريون ڏنيون آهن ۽ اڃا به ڏيندس، وزيراعلى سنڌ جو مون تي يقين آهي، آجياڻي کي خطاب ڪندي ڊي او هيلٿ ڊاڪٽر نثار ميمڻ چيو ته علي احمد لنڊ جي ڪوششن سان ٽنڊو محمد خان ۾ 02 ڪروڙن جي لاڳت سان شاندار اسپتال ٺهي راس ٿي آهي ۽ انڊس ڪاليج به قائم ٿيو، پ پ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري علي اڪبر خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي فخر آهي ته علي احمد لنڊ جهڙو درويش صفت انسان اسان جي علائقي سان تعلق رکي ٿو، سندس ٽنڊو محمد خان لاءِ خدمتون نٿيون وساري سگهجن، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته علي احمد لنڊ جڏهن ٽنڊو محمد خان جو ڊي سي او هو تڏهن هن ڏينهن رات محنت ڪري ٽنڊو محمد خان کي دريائي ٻوڌ کان بچايو هو سندس وڃڻ کانپوءِ گذريل سال جي برساتي ٻوڏ ٽنڊو محمد خان کي ٻوڙي ڇڏيو ، مشڪور ڦلڪارو چيو ته علي احمد لنڊ هيٺين طبقي مان آيو ان ڪري کين غريب ماڻهن جو احساس هو ۽ اهڙا ماڻهو سالن ۾ پيدا ٿيندا آهن ، رمضان شورو خطاب ڪندي چيو ته جڏهن علي احمد لنڊ ڊي سي او هو ته ڪوڙا ڊوميسائيل رد ڪيا جنهن سبب هڪ درجن کان مٿي ٽنڊو محمد خان کان شاگرد مهراڻ يونيورسٽي ۾ پهتا ۽ هن ڪوڙا ڊوميسائيل نه ٺهڻ ڏنا، علي نواز لنڊ خطاب ڪندي چيو ته آغاز سوشل ويلفيئر انهن سڀني ماڻهن کي نه وساريندي جيڪي خدمت جي جذبي سان سرشار هوندا، صهافي رشيد سومرو خطاب ڪندي چيو ته علي احمد لنڊ جهڙا ماڻهو سالن ۾ پيدا ٿيندا آهن آنر ۾ رنگا رنگ جي محفل ٿي جنهن ۾ خدا بخش ڪڇي ، الغوزي نواز ارباب کوسو ۽ بچل احمداڻي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
فهيم ڀٽي انڊس نيوز

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button