عاصمه جھانگير کي ڌمڪيون ملڻ خلاف مظاھرو
ضمير کرل، شهدادڪوٽ
شهدادڪوٽ ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي)ڪور گروپ شهدادڪوٽ پاران انساني حقن جي علمبردار محترمه عاصمه جھانگير کي ڌمڪيون ملڻ ۽ کيس تحفظ فراهم نه ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي عاصمه جھانگير کي تحفظ ڏيڻ وارا نعره پڻ لکيل هئا ، مختلف روڊن، رستن تان گذرندي ڪوٽو موٽو چوڪ تي پهچي احتجاج ڪندڙن نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هنيو ، اُن موقعي تي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي مراد پندراڻي ، پورهيت اڳواڻ محمد عرس سيلرو ، اقليتي اڳواڻ مهراج راجيندرڪمار ، جسم جي حبدار ميرجت ، ايس يو پي جي حسن ٻٻر ، اين ڊي ايس جي صالح کوسي ، گھنور بروهي ۽ ٻين چيو ته انساني حقن لاء جدوجھد ڪندڙ سرواڻ عاصمه جھانگير کي ڌمڪيون ملڻ انساني حقن جي جدوجھد ۽ جمهوريت لاء سازش آهي ، هنن چيو ته عاصمه جهانگير بين الا قوامي شخصيت آهي کيس تحفظ فراهم نه ڪرڻ پڻ مذمت جوڳو عمل آهي ، هنن چيو ته ڪجھ قوتون انساني حقن جي حاصلات لاء جاري جاکوڙ کان سخت ڊنل آهي جيڪي عاصمه جھانگير کي ڌمڪائي رهيون آهن ، پر انساني حقن لاء جاکوڙ جاري رهندي ، هنن گھر ڪئي ته عاصمه جھانگير کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي .