شھداد ڪوٽ ۾ امن کپي ريلي، اڇا جهنڊا کڻي امن ريلي ڪڍي ويئي
شهدادڪوٽ (رپورٽ ضمير کرل) شهدادڪوٽ ۾ شهري اتحاد جي سڏ تي مختلف سياسي ، سماجي ،مذهبي ،ادبي ۽ استاد تنظيمن پاران شهر اندر ٻن مهينن کان ٻن مذهبي ڌرين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاء امن ريلي ڪڍي امن کپي بابت نعريبازي ڪئي وئي ، نوازليگ ،جميعت علماءاسلام ، پ ٽ الف ،سنڌي ادبي سنگت، فشرفوڪ ،ساوا ،ڪريانه ايسوسئيشن ،صرافه ايسوسئيشن ،وفاپروڊڪشن سميت ٻين تنظيمن پاران حق نواز شيخ ،مير غيبي خان مغيري ،مولانا محمد جان عابد ،وحيد ڀٽي ،ممتاز ميراڻي ،مير سڪندر مگسي ،محمد هارون سومرو ،ڪامريڊ وهاب پندراڻي ،اسحاق مغيري، واجد خان چانڊيو، مهراج راجينڌر ڪمار، ممتاز ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾سوين ماڻهن هٿن ۾ بينر ،پلي ڪارڊ کڻي۽امن جي علامت اڇا جهنڊا کڻي امن ريلي ڪڍي شهر جي مختلف رستن کان گشت ڪندي رنج کپي نه تڪرار کپي ،امن کپي امن کپي جھڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندي ڪوٽو موٽو چوڪ تي گڏ ٿي مذهبي ڌرين کي هلندڙ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي اپيل ڪندي شهر جي امن وامان لاء اجتمائي دعا گهري وئي ان موقعي تي امن ڪاميٽي جي چيئر مين حق نواز شيخ ، خطاب ڪندي چيو ته شهر کي مذهبي باه کان بچائڻ لاء هر سڄاڻ ڌر ۽ شهري کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو هنن چيو ته جيڪڏهن پوليس روايتي سستي ڇڏي مقتول حاجي شفقت هاڙهو جي قاتلن کي ناڪابندي ڪندي گرفتار ڪري ها ته هي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها ۽ محبت سان زندگي گذارڻ گھرجي هنن چيو ته هي لطيف جي ڌرتي آهي ان تي نفرتون پيار ۽ محبت سان زندگي گذارڻ گھرجي هنن چيو ته اسلام امن ۽ روادري جو درس ڏئي ٿو نه ڪي ڪنهن جي رت وهائڻ جو، هنن فرقيواريت جي خاتمي ۽ شهر ۾ امن جي فضا کي قائم رکڻ لاء ٻنهي مذهبي ڌرين کي اپيل ڪئي جڏهن ته امن ريلي ۾ شاگردن ، وڪيلن ، استادن ،پورهيتن سوڌو سوين ماڻهن شرڪت ڪندي شهر ۾ امن وامان جي لهر کي برقرار رکڻ جي پڻ پرچار ڪئي