شهدادڪوٽ

شھدادڪوٽ: ناقص مٽيريل جو استعمال، ٺيڪيدار خلاف مظاھرو


shahdadkot thekedar khilaf ahtejaj
ٺيڪيدار خلاف مظاھرو ڪيو پيو وڃي
شهدادڪوٽ (رپورٽ : ضمير کرل) شهدادڪوٽ ۾ نبي بخش بروهي پاڙي جي رهواسين هلندڙ ڪم دوران ناقص مٽيريل سان ٺاهيل نالين جي ٽٽي، اکڙي تباهه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٺيڪيدار خلاف نعريبازي ڪئي، احتجاج ڪندڙن عبدالرشيد بروهي، ديدار حسين مغيري ، صدام بروهي، نياز بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي ٺيڪيدار پاران ناقص مٽيريل استعمال ڪري لکين روپيا ڪرپشن ڪرڻ واري عمل خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته صوبائي وزير محمد اياز سومري جي گهر کان نبي بخش بروهي پاڙي تائين روڊ ۽ نالين جي تعمير جو ڪم هلندڙ هو، هنن الزام هڻندي وڌيڪ چيو ته آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ڪشمور شهر سان واسطو رکندڙ ٺيڪيدار روڊ ۽ نالين جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال ڪيو ،پاڙي جي رهواسين جي احتجاج باوجود هن خراب مٽيريل هلايو سندن چوڻ هو ته ٺاهيل ناليون هلندڙ ڪم دوران پنجين ڏينهن تي ڀڄي ،ڀورا، ڀورا ٿي ويون آهن ۽ ٺيڪيدار لکين روپيا ڪرپشن ڪري رود ۽ نالين وارو ڪم اڌ ۾ ڇڏري غائب ٿي ويو آهي، هنن گھر ڪئي آهي ته سندن پاڙي جي ترقياتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪري رڪارڊ ڪرپشن ڪندڙ ٺيڪيدار ۽ ساڻس ٻٽ بڻيل آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪري خراب ٿي ويل ڪم ٻيهر ڪرائي ٺيڪيدار کي بليڪ لسٽ ڪرايو وڃي ، هنن تدارڪ نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جي دائري وڌائڻ جو چتاءُ ڏنو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button