مختصر خبرون

شهدادڪوٽ: ڪارھن جي الزام تحت نوجوان قتل

رپورٽ:ضمير کرل،شهدادڪوٽ
شهدادڪوٽ ويجھو هٿياربندن ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان (35) ورهين جي نوجوان کي قتل ڪري ۽فرار ٿي ويا ـ تعلقي ميروخان جي بهرام ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ بُٺي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري 35 ورهين جي منور علي پٽ محمد علي چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل۾ وٺي شهدادڪوٽ اسپتال آندو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، اسپتال ۾ موجود فوتي جي وارثن ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته 5 سال اڳ ڳوٺ جي چانڊيابرادري جي ماڻهن مقتول جي ڀاءَ مٿان ڪارنهن الزام مڙهيو هو، جنهن جو انهن ئي ڏينهن دوران فيصلو به ٿيو هو، جنهن مطابق ساڍا چار لک ۽ نياڻي سڱ چٽي طور ڏني،هنن چيو ته ان باوجود بيگناهه کيس قتل ڪري ظلم ڪيو آهي.آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button