شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ: پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو مظاھرو، ٻيجارو تباھ

SHAHDADKOT KOOR DAATO SHAKH J ABADGARAN JO PANI JI KHOT KHILAF MUZAHERO.شهدادڪوٽ (رپورٽ: ضميرکرل ) شهدادڪوٽ ۾ ميروخان تعلقي جي ڪورڏاتو شاخ جي آبادگارن پاڻي جي سخت اڻاٺ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج ڪندڙن ايڊووڪيٽ طارق کهاوڙ ، ستارمڱڻهار ، ڪامريڊ قادر بخش سيلري ، سڪندر سيلري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ڀرمي وٽ قمبر شهدادڪوٽ مين روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي ، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪور ڏاتو شاخ سميت علائقي جي ٻين شاخن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي ، جنهن ڪري آبادگارن جو پوکيل ٻيجارو سڙي تباه ٿي رهيو آهي ، هنن الزام هڻندي وڌيڪ چيو ته آبپاشي عملدار پئسن عيوض پاڻي وڪرو ڪري هتان جي غريب آبادگارن کي پاڻيء جي هٿرادو کوٽ ذريعي نقصان پهچائي رهيا آهن ، جيڪا سراسر زيادتي ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي تڪ واسين کي تباه وبرباد ڪرڻ جي سازش آهي ، هنن چيو ته جيڪڏهن فوري طور پاڻي نه مليو ته کين لکين روپين جو نقصان ٿيندو ، هنن پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري ڪور ڏاتو شاخ سميت ٻين شاخن جي آبادگارن کي نقصان کان بچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ، اڳواڻن تدارڪ نه ٿيڻ جي صورت ۾ سخت احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button