شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ : نوجوان نذير بروهي جي بازيابي لاء شهر ۾ شٽر بند هڙتال

ضمير کرل، شهدادڪوٽ
shahdadkot brohi itahad paran naujawan ji bazyabi lae ahtjajشهدادڪوٽ ۾بروهي اتحاد جي سڏ تي نوجوان نذير بروهي جي بازيابي لاء شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ،احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جوگشت ڪيو ويو ، شٽر بند هڙتال سبب شاهي بازار ،ريشم گھٽي ، ڪوٽوموٽوچوڪ ، جمع کرل چوڪ ، جروار مارڪيٽ ،لانگاه مارڪيٽ سميت شهر جا ننڍا ،وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا . جنهن سبب ٻهراڙي جي علائقن کان خريداري لاء آيل ماڻهن کي سخت تڪليف سان منهن ڏيڻو پيو . جڏهن ته لکپت روڊ وٽان نوجوان نذير بروهي جي بازيابي لاء قائم ڪيل ڪئمپ کان سردار مينگل ، مراد پندراڻي ، مظفر مينگل ،احمدنواز ،محمد خان جتڪ ،راجينڌر ڪمار ،مولانا محمد جان عابد ، ديدار بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي مختلف رستن جو گشت ڪرڻ کانپوء ڪوٽوموٽوچوڪ تي پهچي نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هينو ، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته انتظامي ۽ چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي سبب شهر بدامني جي باه ۾ ٻري رهيو آهي ،شهر اندر چوري ، اغوا ، ڦرجون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن پر پوليس شريف ماڻهن جي لٽجڻ جو خاموش تماشائي بڻجي تماشوڏسي رهي آهي ،سندن چوڻ هو ته سندن نوجوان نذير بروهي کي اغوا ٿئي هڪ هفتو گذري ويو آهي پر پوليس روايتي سستي جو مظاهرو ڪندي سندس بازيابي لاء ڪوبه سنجيده قدم ناهي کنيو جنهن سبب مغوي جي گھر توڙي برادريء ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ واري لهر پکڙيل آهي ،هنن مغوي ڳوٺاڻي کي فوري طور بازياب ڪرائي شهر ۾ بدامني تي ضابطو آڻي ، شريف شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جومطالبو ڪيو، هنن تدارڪ نه ٿيڻ جي صورت ۾ دوڪان بند ڪرائڻ واري ڳالهه تان احتجاج ڪندڙن ۽ دوڪاندارن ۾ جھڙپون ٿيون جنهن ۾ ديدار مگسي سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button