مختصر خبرون
شهدادڪوٽ جي ناري ڪارنھن جي الزام قتل
شهدادڪوٽ (رپورٽ ضمير کرل) شهدادڪوٽ ويجھو سجاول جوڻيجي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ بخشو ساريو ۾ جوابدار پرويز ساريو پنهنجي نوجوان سوٽِ ناري شبيران ساريو کي ڪارنهن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو ، هوڏانهن مقتول ناري جو لاش پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء شهدادڪوٽ اسپتال کڻائي آئي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، اهڙي واقعي بعد علائقي ۾ خوف جي لهر ڇايل آهي ، جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي ، هوڏانهن پيء جي فرياد تي سجاول جوڻيجو ٿاڻي تي پرويز ساريو تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي .