شهدادڪوٽ: بلوچستان جي زهريلي پاڻيءَ کي منڇر ڍنڍ ڏانهن ڇوڙ ڪرڻ لاءِ هيرالدين ڊرين جو بنياد وڌو ويو، آباد گارن جو احتجاج
رپورٽ:ضمير کرل،شهدادڪوٽ
شهدادڪوٽ ۾ ربيع شاخ جي آبادگارن 27 ٺاهيل واٽر ڪورسن کي ناڪاره بڻائي شاخ کي غلط ڊيزائين تحت تعمير ڪرائي واپڊا کاتي جي عملدارن جي ڪرپشن ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڳوٺ چوکي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي دنگ هيرالدين ڊرين وٽ احتجاج ڪندڙ آبادگارن صوفي عبدالخالق کوسي، قلندر بخش کوسي، الله ڏني چانڊيي، علي حسن مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان جي زهريلي پاڻيءَ کي منڇر ڍنڍ ڏانهن ڇوڙ ڪرڻ لاءِ هيرالدين ڊرين جو بنياد وڌو ويو، هنن چيو ته واپڊا اسڪارپ کاتي پاران جوڙايل اهڙي رٿا سان 50 هزار جريب زرعي زمين بنجر بڻجي وئي آهي، ۽ ڪاري ڪامڻ وگهي سوين ماڻهون موت جو شڪار ٿيا ، هزارين ماڻهون ان موذي مرض ۾ ورتل آهن جڏهن ته هزارين ڍور مري چڪا آهن ،سندن چڻ هو ته اڳ هتي 10 لک مڻ ڪڻڪ جي پيداوار ٿيندي هئي ،هنن چيو ته ربيع شاخ سم شاخ وٽان ڪراس ڪرائڻ لاءِ 27 واٽر ڪورس ٻنين ڏانهن ٺهرايا ويا جن تي اٽڪل 20 ڪروڙ لاڳت ٿي، هنن چيو ته هاڻ سرڪار انهن کي ناڪاره بڻائي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻيهر ڪروڙين روپيا ڪرپشن ڪرڻ لاءِ واپڊا اسڪارپ کاتي جو انجنيئر فريد مغل چوکي وٽان ربيع شاخ کي تعمير ڪرائي رهيو آهي جيڪا سراسر ناانصافي ۽ ڪرپشن ڪرڻ جو کليل ثبوت آهي، هنن چيو ته اهڙي رٿا سان 10 سال ٻيهر زرعي زمينون بنجر بڻجي وينديون ، هنن پ پ ايم اين اي فريال ٽالپور ۽ ٻين اعلى عملدارن کان گهر ڪئي ته ڪرپشن لاءِ غلط رٿا جوڙيندڙ عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي آبادگارن کي ٿيل نقصان جو معاوضو ادا ڪري آبادگارن کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي، تدارڪ نه ٿيڻ جي صورت ۾ هنن سخت احتجا شهدادڪوٽ: بلوچستان جي زهريلي پاڻيءَ کي منڇر ڍنڍ ڏانهن ڇوڙ ڪرڻ لاءِ هيرالدين ڊرين جو بنياد وڌو ويو، آباد گارن جو احتجاج