مختصر خبرون

سکر: پي ڊبليو ڊي چيڪ جمح ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 جون مقرر ڪئي ويئي

سکر: ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر سکر ارشد رحيم قريشي چيو آهي ته فينانس ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي آفيس جي تمام ڪائونٽرن، سنڌ صوبي جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسن ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف لوڪل فنڊ آڊٽ سنڌ لاءِ مالي سال 2012-2011 جي بلن، منظورين، ڪليمن ۽ سڀني قسمن جي چيڪن بشمول پي ڊبليو ڊي چيڪ جمح ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 جون 2012 مقرر ڪئي آهي. هن پريس ۾ ڇپيل ان خبر جي جنهن ۾ سڀني بلن جي جمح ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 جولاءِ 2012 جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان خبر جي سختيءَ سان ترديد ڪندي چيو آهي ته اها سراسر غلط آهي. جڏهن ته مذڪوره بلن جي جمح ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 جون 2012 مقرر ڪئي ويئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button