سپريم ڪورٽ وزير اعظم يوسف رضا گيلانيءَ کي نااھل قرار ڌئي ڇڏيو
ملڪ جي اعليٰ ترين ڪورٽ موجب وزير اعظم 26 اپريل کان ناھل سمجھو ويندو اعليٰ عدالت پاڪستان اليڪشن ڪميشن کي حڪم جاري ڪيو آھي ته هزير اعظم کي نااھل قرار ڏيڻ فيڪيشن جاري ڪيو وڃي رولنگ باوجود گيلاني جي سزا برقرار آھي اھڙو فيصلو سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ وزير اعظم جي نااھلي بابت اسپيڪر قومي اسيمبلي جي رولنگ جي حوالي سان داخل در خواست جي ٻڌڻي جي حوالي سان ٻڌايو ويو
سپريم ڪورٽ اھڙو فصلو ٻڌائيندي صدر کي جمھوريت جي عمل کي جاري رکڻ لاءَ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ھدايت ڪئي آھي ٽي رڪني بينچ جي سربراھي چيف جسٽس افتخار چوڌري پئ ڪئي ھن پنھنجي رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته اسڪرو تني ڪرڻ جو حق ڪنھن کي به نه آھي ھن وڌيڪ چيو ته ارٽيڪل 248 جو حوالو نه اين آر او ڪيس ۾ ڌنو ويو نه ئي توھين عدالت ڪيس ۾. ياد رھي ته ان فيصلي کان پوءَ وزير اعظم جا ٻاھرين ملڪن جا دورا 26 اپريل کان پوءءِ ڪيل فيصلا ۽ اسيمبلي جون اھي ڪارروايون جنھن ۾ گيلاني شرڪت ڪئي غير موثر ۽ بي وجود ٿي ويا آھن.انھن جي ڪا به قانوني حيثيت ناھي رھي. ھوڏانھن سماجي سياسي حلقن ۾ بحث شروع ٿي ويو آھي.