پير جو ڳوٺ

سوناري نذير بروهي کي بازياب ڪرايو ويندو، نادر مگسي

shahdadkot soobaey wazir mir nadir magsiشهدادڪوٽ : صوبائي وزير نادر مگسي چيو آهي ته هاڻ رابطو ٿيو آهي ، جلد شهر مان اغوا ٿي ويل سوناري نذير بروهي کي بازياب ڪرايو ويندو ، اسان جو پوليس تي تمام گھڻو زور آهي ته نوجوان کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ، شهدادڪوٽ ۾ مظلوم جدوجھد ڪاميٽي پاران سوناري نذير بروهي جي بازيابيء لاء قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي پهچي ڪاميٽي جي چئيرمين مير مظفر بروهي ، سندس وارثن ۽ ڪاميٽي ۾ شامل ميمبرن ۽ شهرين سان نوجوان جي اغوا تي افسوس جو اظهار ڪندي کين نوجوان کي جلد بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي مير نادر مگسي چيو ته شهر سان زيادتي ٿيل آهي ، شهر مان ماڻهون کچي ويل آ اوهو جلد بازياب ٿيڻ گھرجي ، ڪاميٽي جو احتجاج ڪرڻ ۽ زور رکڻ حق آهي اسين به ان احتجاج ۾ شامل آهيون نادر مگسي چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ وارو گند وڌندو پيو وڃي ايتري تائين جو سنڌي ۽ بلوچن جا ڪارڊ چيڪ ڪري کين نشانو بڻايو پيو وڃي ان مان ظاهر آهي ته هو ڌرتي ڌڻين کي ڪراچي ۾ برداشت ڪونه پيا ڪن صوبائي وزير جو چوڻ هو ته سندن حڪومت آهي مٿن فرض آهي ته اهڙي قسم جا ڪم خواه ڪو ماڻهو سندن حڪومت ۾ آهي يا ٻاهر ان جو تعلق پ پ سان هجي يا ٻي جماعت سان پر اهڙو ڪلور ٿيڻ نه گهرجي ، سندس چوڻ هو ته هن ميٽنگ ۾ به اهڙي ڳالهه اُٿاري ته انهي شيء کي سفارش کان مٿي رکيو وڃي ، ان ڳالهه کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو ته وڌيڪ گند ٿيندو جو سنڀالڻ هٿ ، وس جي ڳالهه نه هوندي ، هن چيو ته اهڙو مسئلو لياريء ۾ پڻ ٿيو ۽ ماڻهون بدزن ٿي ويا ۽ چئي کان ٻاهر ٿي ويا آهن ، هاڻ ان شيء ٻين علائقن جو رخ ڪيو آهي ، جن علائقن ۾ سنڌي ۽ بلوچ رهن ٿا ، هن چيو ته جيڪو ماڻهون جيڪا زبان ڳالهائي ان جو حق آهي ۽ ان تي اسان اعتراض نه ٿا ڪري سگھون ۽ ڪنهن کي ان جي رد ڪرڻ جو حق ڪونهي جيڪڏهن اردو ڳالهائيندڙ کي ٽارگيٽ بڻايو وڃي ۽ ان سان زيادتي ٿئي اهو غلط آهي ، آخر هو به انسان آهن ، ڪنهن سان به اهڙو سلوڪ نه ٿيڻ گھرجي هر ڪنهن کي حق آهي جتي رهي ڪمائي کائي ، بيگناه ماڻهن کي مارڻ وارو عمل ڏکائيندڙ ۽ خطرناڪ آهي ، نادر مگسي چيو ته افغاني دهشتگردن کان وڌيڪ خطرناڪ دهشتگرد ڪراچي ۾ آهن ، هن چيو ته هڪ ڀيرو باه لڳي ته وري نه وسامبي اها باه سڀني کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندي ، نادر مگسي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پهريان دعا ڪريو ته خدا ڪري ٻوڏ نه اچي ، انتظامن تائين پڄئون ئي نه هن چيو ته برساتن جي سلسلي ۾ جيڪو پرڊِڪٽ ڪن ٿا ته (15)سيڪڙو مون،سون رينز وڌيڪ آهن ، ان لاء ڊسٽرڪٽ وائيز ۽ شهرن ۾ رِورز آهن ڊپارٽمينٽ انتظامه ڪيا آهن ، نادر مگسي چيو ته ٻوڏ ته پنهنجي جاء تي في الحال ٻجن لاء به پاڻي ڪونهي ڪو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button