ڪراچي

سنڌ جي بجيٽ اڄ پيش ٿيندي، 40 هزار نوڪريون ڏيڻ ۽ پگهارن ۾ واڌ جو اعلان ٿيندو

Sindh Assemblyڪراچي: اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ خزاني وارو وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ بجيٽ پيش ڪندو. ان ڏس ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته بجيٽ کان اڳ منجهند جو سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير قائم علي شاهه جي صدارت ۾ٿيندو ۽ انهيءَ سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ بجيٽ جي منظوري ورتي ويندي، اڄوڪي سنڌ جي 5 کرب 64 ارب روپين جي بجيٽ پيش ٿيڻ جا امڪان آهن، بجيٽ ۾ 40 هزار ملازمتون ڏيڻ جو پڻ اعلان متوقع آهي، پگهارن ۽ پينشن ۾ 20 سيڪڙو واڌارو ڪيو ويندو، ملازمن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 8 هزار روپين جو اعلان به متوقع آهي، جڏهن ته ذريعن موجب ترقياتي منصوبن لاءِ 2 کرب 18 ارب روپيا رکيا ويا آهن، خسارو 3 ارب 78 ڪروڙ روپين جو هوندو، بلديا ڪراچي لاءِ 2 ارب روپيا جڏهن ته ڪراچي سينٽرل لياري، ڪياماڙي ۽ ملير لاءِ خصوصي پيڪيج جو اعلان ٿيندو، ان کان علاوه غريب هارين ۾ مفت زمين ورهائڻ، ٻج ۽ ڀاڻ تي به سبسڊي جو اعلان متوقع آهي، بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 12 ارب، پوليس لاءِ 21 ڪروڙ 45 لک روپيا رکيا ويا آهن، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 1288 نوان منصوبا شامل ڪيا ويا آهن، بهبود آبادي لاءِ 3 ڪروڙ 62 لک، ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن لاءِ 4 ارب 21 ڪروڙ، اعليٰ تعليم لاءِ 1 ارب 54 ڪروڙ روپيا خرچ ڪيا ويندا، بجيٽ ۾ توانائي منصوبن لاءِ 13 ارب 58 ڪروڙ، خاص منصوبن لاءِ 23 ارب 95 ڪروڙ، مڪاني حڪومتن لاءِ هڪ ارب 71 ڪروڙ، ضلعي پروگرامن لاءِ 20 ارب، سياحت جي ترقي لاءِ 11 ڪروڙ روپيا خرچ ڪيا ويندا، چوپائي مال لاءِ 50 لک، جيل کاتي لاءِ 62 ڪروڙ 70 لک ۽ امان لاءِ 21 ڪروڙ 45 لک روپيا رکيا ويا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button