سنڌي نياڻين جي خون بها فقط صدر جو نوٽيس!
زاهد راڄپر
پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري پاران سنڌ جي قومپرست ڌرين، اديبن، دانشورن سان ڳالهائڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽي جنهن ۾ مخدوم امين فهيم، نويد قمر ۽ خورشيد شاهه شامل هُئا. اها ڪميٽي سنڌ دوست ڌرين، اديبن ۽ شاعرن کي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ مڃائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ بعد سنڌ جي مئڊيٽ کي هڪ دفعو ٻيهر نائن زيرو تي وڃي نيلام ڪري آئي آهي. پ پ سامهون تاريخ ۾ موجوده صورتحال جهڙي صورتحال ڪڏهن به نه آئي آهي، جو 5 سال حڪومت پورو ڪرڻ جي ڪاميابي ماڻيندڙ پ پ عوام مان ايترو مايوس ۽ اڪيلي ٿي آهي جو ايندڙ 5 سالن جي اقتدار جا خواب ڏسندڙ حڪمران پنهنجي ڪاميابي يقيني بنائڻ لاءِ عوام تي ڀاڙڻ ڇڏي ڏنو آهي. هاڻي ”طاقت جو سرچشمو عوام آهي“ جو نعرو شيشي جي گلاس وانگر ڀڄي ڀورا ٿي ويو آهي. هاڻي ان جي جاءِ هڪ نئين نعري والاري آهي. ”آمريڪا، آرمي ۽ ڀوتار اتحاد“. جنهن ڪري پ پ جي قيادت هاڻي ڄاڻي ورتو آهي ته ”طاقت جو سرچشمو عوام آهي“ اهي سڀ خام خيالي ڳالهيون آهن.
عوام کي فقط خوابن جي دنيا ۾ مست رکبو، ڏٽا ڏبا، دلاسا ڏبا، خط پٽ ڏبا، پٽيوالي سٽيوالي ڏبي، زڪوات ۽ انڪم سپورٽ پروگرام، وطن ڪارڊ جي ڪجهه هزار روپين جا آسرا ڏئي سندن تذليل ڪبي ته ماڻهو ان ۾ خوش ٿي هنڀوڇيون هڻندا رهندا. پر اقتدار ته اصل آمريڪا وٽ آهي. ان ڪري ان جي خوش نودي حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي پاليل دهشت گردن جي پيرن ۾ سنڌ اڇلي وري پنج سالن لاءِ اقتدار جا مزا ماڻبا. جڏهن ته نالي ۾ سيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ محترمه فريال ٽالپر کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته سنڌ جي سمورن وڏيرن، ڀوتارن کي لالچائي، وزيرن، مشيرن، زڪوات چيئرميني، حد جي صوبيداري جي آسري ۾ پ پ ۾ شامل ڪرائي ۽ ان آسري ۾ سنڌ جي وڏيرن ۽ ڀوتارن جو وڏو تعداد پ پ ۾ شامل ٿي ويو آهي، ٿي رهيو آهي ۽ ڪجهه قطار ۾ بيٺل آهن. انهن ۾ اهڙا وڏيرا به شامل آهن جيڪي ڪيترا ڀيرا پ پ سان عين وقت تي غداري ڪري بار بار لوٽا ٿي پنهنجو نالو ”ورلڊ غدار گنيز بوڪ“ ۾ شامل ڪرائي چُڪا آهن پر اڄ اُهي وڏيرا پ پ قيادت لاءِ اکين جا ٺار آهن.
پ پ قيادت به اُها ڳالهه ڄاڻي ورتي آهي ته هاڻي وڏيرن ۽ شهري غنڊن کي ساڻ کڻي ئي ايندڙ پنج سال به اقتدار جا مزا ماڻي سگهبا. ان ڪري حڪمرانن کي سنڌي عوام جي جذبن جي ڪا به پرواهه ناهي. سنڌي نياڻين جي انهيءَ رت جي ڪا به پرواهه ناهي. رت جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت ڪندي ڪراچيءَ ۾ وهايو ويو آهي. جنهن جو صدر صاحب نوٽس ورتو آهي ۽ سنڌ حڪومت کي اها هدايت ڪئي آهي ته هاڻي اهڙو واقعو نه ٿيڻ گهرجي. صدر جي ان هدايت تي عمل ٿيو ۽ دهشت گردن خلاف 1992ع ۾ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ايس پي شاهه محمد مارجي ويو ۽ چون ٿا ته آپريشن جا سمورا آفيسر حدف ذريعي مارجي چُڪا آهن ۽ هاڻي انهن ۾ ڪو به زندهه سلامت ناهي. حڪمران ته فقط نوٽيس وٺندا آهن باقي هڪ ماڻهو مري يا هزار مرن نوٽس وٺي ڇڏبو. ڪيترائي سال جيل جون عقوبتون برداشت ڪري سنڌي ماڻهن جي جيءَ ۾ جايون ٺاهيندڙ آصف علي زرداري جي ملڪ ۾ طاقتور حڪومت آهي. صدر پاڻ، وزير اعظم، اسپيڪر ۽ وڏي ڳالهه ته سنڌ حڪومت به سندس پارٽيءَ وٽ آهي پر جوڙ توڙ محلاتي سازشن کي ٽوڙڻ جو ماهر سمجهيو ويندڙ صدر سنڌي نياڻين جي بي گناهه قتل تي فقط نوٽيس وٺي ٿو. جڏهن ته کيس ذاتي طور خبر آهي ۽ سي سي پي او ڪراچي واضح نموني چئي چڪو آهي ته عوامي تحريڪ جي محبت سنڌ ريليءَ تي فائرنگ ڪري سنڌي نياڻين سميت 14 ماڻهن کي شهيد ڪرڻ ۾ متحده ملوث آهي. ميڊيا جي اطلاعن موجب اُهي دهشت گرد گرفتار به ٿيا پر انهن کي ڳجهو رکي آزاد به ڪيو ويو. پر صدر صاحب فقط نوٽيس ورتو. سنڌي نياڻيون بي گناهه مري ويون ان سان هن جو ڇا!؟ هزارين ماڻهو گولين جو بک بڻجڻ، بيمارين، بک ۽ بدحاليءَ ذريعي مرن ان سان حڪمرانن جو ڇا!!؟ هڪ دهشت گرد به ظاهر نه ڪيو ويو ۽ نه ئي وري سزا ڏني وئي پر جڏهن قاضي احمد واقعو ٿئي ٿو جنهن ۾ اٺ بي گناهه ماڻهو ماريا ويا واقعو انتهائي ڀيانڪ هو، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. ان واقعي کي جواز بڻائي سنڌ جي قومپرستن خلاف اڻ اعلانيل آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. سون جي تعداد ۾ بي گناهه ڪارڪن گرفتار ڪري کين ٽارچر سيلن ۾ عذاب ڏنا پيا وڃن. اڄ وري ”سنڌڙي تنهنجونانءُ ورتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو“ واري ڪار آهي. سنڌ جي وحدت لاءِ آواز اٿارڻ گناهه بڻجي ويو آهي. سنڌ جي حقن ۽ وحدت لاءِ آواز اٿاريندڙ واٽ ويندي ماريا ويندئو! ۽ پاڪستان جو صدر صاحب ان تي نوٽيس وٺندو. پر جڏهن سنڌي ماڻهن جي ڪوس ۾ ملوث دهشت گردن جا پيرا کڻبا ته اُهي به ڄاتل سڃاتل گهرن ڏانهن ويندا.
سنڌ وڃي ته وڃي پر حڪمران ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردن کي ناراض ڪرڻ نه ٿا گهرن. دادلي اويس مظفر ٽپي کي راضي رکڻ لاءِ سوين بلوچن ۽ سنڌين جو خون سستو آهي. هڪ طرف سنڌ جي حڪمرانن جي اُها حالت آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين پ پ جي ڪميٽيءَ سان ڳالهين جو بائيڪاٽ ڪري پاڻ ملهايو آهي ۽ پ پ کي پهريون ڀيرو سنڌ ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل، سنڌ جي ڏاهي ابراهيم جويي، ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه ڏاڍو زبردست موقف رکيو ته پهريان سنڌي نياڻين جي قتل ۾ ملوث دهشت گردن کي گرفتار ڪري وائکو ڪيو. دهشت گردن جي سربراهه سنڌ جي گورنر کي هٽايو ۽ ٻيا اهڙا مطالبا شامل هُئا پر ڪميٽي مطالبن مان ڪنهن به هڪ مطالبي جي حمايت نه ڪري سنڌي نياڻين ۽ ماڻهن جي خون بدلي اقتدار ۽ دهشت گردن کي مٺو ڪري چنيسر، نائون مل، مير جعفر وارو ڪردار ادا ڪيو. ڪميٽيءَ سان فقط سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جو سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي مليو، جنهن لاءِ اطلاع آهن ته کيس ڪميٽيءَ سان ملائڻ لاءِ ذوالفقار هاليپوٽي ڪردار ادا ڪيو. جنهن جي وفاقي وزير نويد قمر سان ذاتي ويجهڙائپ آهي ۽ ذوالفقار هاليپوٽي سنڌي اديبن ۽ دانشورن کي به گڏ ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو. پر سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جا شاعر، اديب ۽ دانشور اهڙي چال کي سمجهي ويا. جنهن ڪري سواءِ چند اديبن جي اديبن جي اڪثريت بائيڪاٽ ڪرڻ کي ترجيح ڏئي، جيجل سنڌ جي ٿڃ ملهائي. باقي چند ماڻهو اهڙا ٿيندا آهن جيڪي قومي مفادن کي ذاتي مفادن مٿان اهميت ڏيندا آهن.
سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران سنڌ جي وحدت جي حفاظت لاءِ ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس به هڪ زبردست پيش رفت آهي. جنهن ۾ پڻ سنڌ جي سمورين سنڌ دوست ڌرين سواءِ جسقم جي نياز ڪالاڻيءَ جي متحده کي دهشت گرد تنظيم قرار ڏئي ان تي پابندي هڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جنهن بعد پ پ ۽ متحده سنڌ ۾ اڪيليون ٿي ويون آهن ڇاڪاڻ ته ٻنهي جا مفاد گڏيل آهن. سنڌ جي اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن پ پ اڇا به رويو نه سڌاريو ته پوءِ سنڌ مير جعفر، نائون مل، چنيسر جو ڪردار کي به ياد ڪري ٿي ته آفريڪا مان غلام بڻائي سنڌ آندل هوشو شيدي جي ڪردار کي به ياد ڪري ٿي. پر فرق اهو آهي ته هوشو سنڌي ماڻهن جو اڄ به هيرو آهي ۽ نائون مل، چنيسر ۽ مير جعفر غدار جي نالي سان ياد ڪيا وڃن ٿا.
[email protected]