روزگار، تعليم ۽ سٺي صحت ملڻ عوام جو بنيادي حق آهي، انيل ڀٽي
سکر: پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ليگ سٽي جي صدر انيل ڀٽي هڪ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته روزگار، تعليم ۽ سٺي صحت ملڻ عوام جو بنيادي حق آهي، پر عوام کي اهي سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن، سکر شهر ۾ سول اسپتال هجڻ باوجود غريب عوام قرض کڻي ڪري پرائيوٽ اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سکر سول انتظاميه غريب عوام کي ڪو به رليف نه ڏئي رهي آهي انتظاميه ۽ ڊاڪٽرز جي ملي ڀڳت جي ڪري ڪيترائي فنڊ هڙپ ڪيا وڃن ٿا. ۽ مريضن کي ڪنهن به قسم جون دوائون نٿيون ڏنيون وڃن ۽ صفائي نه هجڻ ڪري مريض صحت ياب ٿيڻ بدران وڌيڪ بيمار ٿي رهيا آهن. ڊاڪٽرز پنهنجي من ماني پوري ڪندي سرڪاري اسپتال کي ٽائيم ڏيڻ بدران پنهنجي پرائيوٽ اسپتالن کي ٽائيم ڏئي رهيا آهن. سکر سٽي جي صدر سخت لفظن ۾ چيو ته جيڪڏهن انتظاميه ڪو موثر ايڪشن نه کنيو ته اسين سکر شهر جي عوام سان گڏجي سخت احتجاج ڪنداسين.